Brutal killing of leader Nawab Akbar Bugti

بلوچستان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو رياستي آپريشن ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هوائي جهاز هيلپڪاپٽر وڏي ۾ وڏو فوج جو انگ جو استعمال ڪيو ويو هو. هي سڀ نواب اڪبر بگٽي جي خلاف استعمال ڪيا ويا. جيڪو پاڪستاني رياستي عتاب جي ڪري بلوچستان جي پهاڙي غارن ۾ لڪل هو. ڊيرا بگٽي ۾ جڏهن هڪ پاڪستاني فوجي ڪيپٽن ۽ ٻين فوجن گڏجي اتان جي هڪ سنڌي ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر شازيه کي اغوا ڪري ۽ زوري زنا ڪئي ان ڳالھ تان اڪبر بگٽي فوجين خلاف پنهنجي ويڙھ جو اعلان ڪيو. پاڪستان پاران گئس ۽ بلوچستان جي ٻين وسيلن جي ڦرلٽ جي خلاف اڪبر بگٽي مزاحمت ڪئي ته اڪبر بگٽي رياست جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو. جنهن ۾ ڪافي ويڙھ ٿي ڪيترا بلوچ ماڻهو، عورتون، ٻار توڙي ٻڍا قتل ڪيا ويا، ڳوٺن تي بمبار ڪري انهن کي ويران ڪيو ويو اڪبر بگٽي ته باقاعدي ويڙھ شروع ڪري ڇڏي ۽ ڪيتري فوج ماري ڇڏي ۽ پنجاب ويندڙ گئس کي بمن سان اڏايو ويو. نيٺ  پاڪستاني رياست بدترين آپريشن ڪري اڪبر بگٽي کي بمن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري لاش پيٽي ۾ بند ڪري پيتي کي تالا هڻي وارثن کي لاش ڏيڻ کان سواءِ ۽ انهن کي منهن ڏيکارڻ کان سواءِ دفنائي ڇڏيو ـ