سنڌ جي تهذيب

سنڌ جي تهذيب دنيا جي سڀني  تهذيبن جي امام آهي ۽ موئن جو دڙونه رڳو سنڌين جو پر سموري انسان ذات جو ڪعبو پڻ آهي جتي نه رڳو سڌريل قومون پر شاندار تهذيبن جون وارث قومون اچي طواف ڪن ٿيون.
سنڌ جي تهذيب دجله، فرات، بابل، نينوا، اسيريا، سميري، ايران ۽ مصر جي تهذيب کان آڳاٽي ۽ انوکي آهي ان ڪري سنڌ نه رڳو سنڌين جي ماءَ آهي پر قديم يونان ۽ قديم مصر جي ماءَ پڻ آهي. پراڻي سنڌ کي اتهاس ۾ سوساما، سيس، سيت، شيتو، سنتو، سنڌوديشا، سنڌو، هند، انڊ (سنڌ تان ئي هند نالو پيو) وغيره جي نالن سان سڏيو ويندو هو ـ