Showing posts with label Bengal. Show all posts
Showing posts with label Bengal. Show all posts

Bad Words Of Zulfiqar Ali Bhutto For Bengali

 ذولفقار علي ڀٽي جو خطاب، خطاب ۾ ڀٽو بنگالين کي ”سوئر که بچي جهنم مين جائين“ ، جهڙا لفظ استعمال ڪيا ـ وڌيڪ هيٺ خطاب جو تفصيل ۽ ويڊيو پڻ آهي

Speech of Zulfiqar Ali Bhutto :

Whom we lived with in one country
Who struggled with us for one Pakistan
Who are Muslims and will  remain Muslims
I want to ask you, you decide =
What kind of relations, Do you want with them
Because the decision 
Listen --- Listen 
Because you people will have to decide 
I'll not make the mistake of making the decision
Who am i to decide?
Who am i to make your decisions
My God , how can i decide on behalf of the people?
If you people accept........... you people accept
no no no no no no no no no no no no no no no
okay.. if you people accept then fine
If not, , they can go to hell! they can go to hell
Okay , so we accept , what you want.......
Sit down --- Sit down....
Listen --- Listen....
This is not proper, What can be more unfair....
Now listen to this, I say..
What can be more unfair..
Okay, so we accept your demand
Don't want us? We don't want you!
Go to hell, swine , go to hell!

Bengal Genocide By Pakistan Army

پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ ۾لساني نفرت جي شروعات  خود هن ملڪ جي باني ۽ پهرئين گورنر قائداعظم محمد علي جناح ڍاڪا  ۾ خطاب ڪندي، اردو کي ملڪ جي سرڪاري زبان بنائڻ جو علان ڪندي ڪئي. بنگالين ان کي پنهنجي ٻوليءَ مٿان وار سمجهي جيڪا ان وقت پاڪستان جي 54 سيڪڙو آبادي جي مادري زبان هئي، احتجاج  ڪيو. جنهن ۾ ڪيترن شاگردن گرفتار ڪيو ويو. جنهن ۾ شيخ  مجيب به شامل هو جيڪو ان وقت يونيورسٽي جو شاگرد هو. اهڙيءَ طرح ڍاڪا يونيورسٽي بنگالي زبان جي حمايت جو مرڪز بڻجي وئي. ٻئي طرف دستور ساز اسيمبليءَ جي ڪميٽيءَ پڻ پنهنجي سفارش ۾ اردوءَ کي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي بنائڻ جي سفارش ڪري قائداعظم جي چٽيل نفرت کي اڳتي وڌايو جنهن تان بنگالين ۾ ڪاوڙ  ۽ ردعمل اڀري آيو. تنهن ڏينهن کان بنگالي به سنڌين جيان غدار وطن ۽ اسلام جا دشمن ٿي پيا. بنگالين ان فتوا جي پرواھ نه ڪندي ردعمل ۾ احتجاجي جلسن ۽ هڙتالن جي شروعات ڪئي. جنهن تي ڍاڪا ۾ ٽي شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو ماريا ويا. بنگالين ان قرباني جي يادگار طور اتي هڪ ”شهيد مينار“  تعمير ڪيو  جو بنگالين  جي اجتماعي سرگرمين جي علامت بڻجي ويو
وري گورنر جنرل غلام محمد بنگالي وزيراعظم خواجه ناظم الدين کي پارليامينٽ کان اعتماد يا عدم اعتماد جي ووٽ وٺڻ کان سواءِ ۽ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت جي باوجود اسيمبلن کي ٽوڙي ان کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا مان سفير محمد علي بوگره کي گهرائي وزيراعظم بڻائي ڇڏيو. جنهن ڳالھ کي بنگالين پنهنجي خلاف سازش سمجهيو ۽ بنگالين پنهنجي جدوجهد لاءِ مسلم ليگ کي ڇڏي  پنهنجون الڳ جماعتون ٺاهيون. خود شير بنگال مولوي فضل حق جنهن 23 مارچ 1940ع تي لاهور جو ٺهراءَ پيش ڪيو هو، ”مسلم عوام ليگ“ مان مسلم لفظ خارج ڪري پاڪستان جي مذهب پرست سياسي لائين ۽ وفاق جي ڪٽر مرڪزيت پسند  لائين کان انڪار ڪري پنهنجي قومي جدوجهد جوآغاز ڪيو. ۽ اهڙيءَ طرح بنگالين جون قوم پرست جماعتون مسلم ليگ جي خلاف متحد ٿي ويون ۽ مسلم ليگ کي بنگال ۾ زبردست شڪست آئي. ايتري قدر جو بنگالين جي گڏيل متحده محاذ جي نامزدڪيل هڪ شاگرد کان وزيراعلي نورالامين هاراڻي  ويو بنگالين متحده محاذ پاران فرنٽ جنهن کي انهن (جگنوفرنٽ) جونالو ڏنو ان جي اليڪشي منشور ۾بنگالي زبان کيسرڪاري زبان ۽ صوبائي خودمختياري جو مطالبو شامل هو. بنگالين جي سرگرمين جي پاداش ۾ پارٽيءَ تي پابندي هڻي صوبي ۾گورنر راڄ نافظ ڪري مولوي فضل حق ۽ شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. جئين ته پاڪستاني فوج ۾بنگالين جو تعداد صفا ٿورو هو ان ڪري انهن فوج پاران ٿيندڙ هر عمل کي پنهنجي خلاف هڪ سازش سمجهي ان جي مخالفت ٿي ڪئي. وري پاڪستاني حڪمرانن انهن کي غدار وطن جا طعنا هڻڻ شروع ٿي ڪيا، نيٺ 70 جي چونڊ ۾ بنگالين مٿان پاڪستاني رياست ظلم جي انتها ڪندي اقتدار کسي ٽيھ لک بنگالي ماريا ۽ پنج لک عورتن جي عزت لٽي بنگال مان هٿ ڪڍي يا آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو ويتر بنگلاديش کي تسليم ڪندڙ پهرين ملڪن پولينڊ ۽ منگوليا سان ناتا توڙي ڇڏيا ـ