Bengal Genocide By Pakistan Army

پاڪستان ٺهڻ وقت ملڪ ۾لساني نفرت جي شروعات  خود هن ملڪ جي باني ۽ پهرئين گورنر قائداعظم محمد علي جناح ڍاڪا  ۾ خطاب ڪندي، اردو کي ملڪ جي سرڪاري زبان بنائڻ جو علان ڪندي ڪئي. بنگالين ان کي پنهنجي ٻوليءَ مٿان وار سمجهي جيڪا ان وقت پاڪستان جي 54 سيڪڙو آبادي جي مادري زبان هئي، احتجاج  ڪيو. جنهن ۾ ڪيترن شاگردن گرفتار ڪيو ويو. جنهن ۾ شيخ  مجيب به شامل هو جيڪو ان وقت يونيورسٽي جو شاگرد هو. اهڙيءَ طرح ڍاڪا يونيورسٽي بنگالي زبان جي حمايت جو مرڪز بڻجي وئي. ٻئي طرف دستور ساز اسيمبليءَ جي ڪميٽيءَ پڻ پنهنجي سفارش ۾ اردوءَ کي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي بنائڻ جي سفارش ڪري قائداعظم جي چٽيل نفرت کي اڳتي وڌايو جنهن تان بنگالين ۾ ڪاوڙ  ۽ ردعمل اڀري آيو. تنهن ڏينهن کان بنگالي به سنڌين جيان غدار وطن ۽ اسلام جا دشمن ٿي پيا. بنگالين ان فتوا جي پرواھ نه ڪندي ردعمل ۾ احتجاجي جلسن ۽ هڙتالن جي شروعات ڪئي. جنهن تي ڍاڪا ۾ ٽي شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو ماريا ويا. بنگالين ان قرباني جي يادگار طور اتي هڪ ”شهيد مينار“  تعمير ڪيو  جو بنگالين  جي اجتماعي سرگرمين جي علامت بڻجي ويو
وري گورنر جنرل غلام محمد بنگالي وزيراعظم خواجه ناظم الدين کي پارليامينٽ کان اعتماد يا عدم اعتماد جي ووٽ وٺڻ کان سواءِ ۽ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت جي باوجود اسيمبلن کي ٽوڙي ان کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا مان سفير محمد علي بوگره کي گهرائي وزيراعظم بڻائي ڇڏيو. جنهن ڳالھ کي بنگالين پنهنجي خلاف سازش سمجهيو ۽ بنگالين پنهنجي جدوجهد لاءِ مسلم ليگ کي ڇڏي  پنهنجون الڳ جماعتون ٺاهيون. خود شير بنگال مولوي فضل حق جنهن 23 مارچ 1940ع تي لاهور جو ٺهراءَ پيش ڪيو هو، ”مسلم عوام ليگ“ مان مسلم لفظ خارج ڪري پاڪستان جي مذهب پرست سياسي لائين ۽ وفاق جي ڪٽر مرڪزيت پسند  لائين کان انڪار ڪري پنهنجي قومي جدوجهد جوآغاز ڪيو. ۽ اهڙيءَ طرح بنگالين جون قوم پرست جماعتون مسلم ليگ جي خلاف متحد ٿي ويون ۽ مسلم ليگ کي بنگال ۾ زبردست شڪست آئي. ايتري قدر جو بنگالين جي گڏيل متحده محاذ جي نامزدڪيل هڪ شاگرد کان وزيراعلي نورالامين هاراڻي  ويو بنگالين متحده محاذ پاران فرنٽ جنهن کي انهن (جگنوفرنٽ) جونالو ڏنو ان جي اليڪشي منشور ۾بنگالي زبان کيسرڪاري زبان ۽ صوبائي خودمختياري جو مطالبو شامل هو. بنگالين جي سرگرمين جي پاداش ۾ پارٽيءَ تي پابندي هڻي صوبي ۾گورنر راڄ نافظ ڪري مولوي فضل حق ۽ شيخ مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. جئين ته پاڪستاني فوج ۾بنگالين جو تعداد صفا ٿورو هو ان ڪري انهن فوج پاران ٿيندڙ هر عمل کي پنهنجي خلاف هڪ سازش سمجهي ان جي مخالفت ٿي ڪئي. وري پاڪستاني حڪمرانن انهن کي غدار وطن جا طعنا هڻڻ شروع ٿي ڪيا، نيٺ 70 جي چونڊ ۾ بنگالين مٿان پاڪستاني رياست ظلم جي انتها ڪندي اقتدار کسي ٽيھ لک بنگالي ماريا ۽ پنج لک عورتن جي عزت لٽي بنگال مان هٿ ڪڍي يا آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو ويتر بنگلاديش کي تسليم ڪندڙ پهرين ملڪن پولينڊ ۽ منگوليا سان ناتا توڙي ڇڏيا ـ