ٿر جو ڪوئلو

ٿر جو ڪوئلو جيڪو سنڌ جي ملڪيت آهي، جنهن کي ڪارو سون به چيو وڃي ٿو، پاڪستاني حڪومت هڪ معاهدي تحت اهو پنهنجي ڪنٽرول هيٺ ڪري ورتو آهي.جيئن ته ڪوئلو نج سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ آئين ۾سموري معدنيات کي صوبن جي ملڪيت قرار ڏنل آهي ۽ انکي استعمال جو حق صوبن کي آهي ۽ ان جا سمورا فيصلا صوبي کي ڪرڻا آهن پر سنڌ کي رڳو رائلٽي تي راضي ڪيو ويو آهي ۽ اها رائلٽي به نه هجڻ جي برابر آهي يعني 60 روپيه في ٽن جي حساب سان رائلٽي ملندي ۽ ان رائلٽي جي حساب سان ٿر جي ڪوئلي جا 185 ارب ٽن زخيره وفاق جي حوالي ڪيا ويا آهن چون ٿا هن ملڪ جو 97 سيڪڙو ڪوئلو سنڌ ۾ موجود آهي جنهن جو سڄو اختيار ۽ حق وفاق پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ کي رڳو 29 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو ۽ چيني ڪمپنيون چاهي دنيا جون ٻيون ڪمپنيون ٿر جي ڪوئلي کي توانائي خاطر استعمال ڪندي بجلي پيداڪنديون. هن رقم مان ٿر ۽ ان جي ماڻهن جي روزگار ۽ اتان جي ترقيجو سوال اهم آهي، رياست جو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو هڪ تازو مثال آهي .