نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي

بينظير جي قتل بعد جڏهن ڪاوڙ ۽ قومي غيرت جي بنياد تي ردعمل جو ماڻهن اظهار ڪيو هو ته اسان جا هٿ بينظير کي ووٽ ڏيڻ تي هريل هئا ۽ هاڻي ان جي وڃڻ کانپوءِ اسان کي ووٽ ڏيڻ ۾ مزو نه ايندو. ان ڪري اسان ووٽن جي سياست جو ئي بائيڪاٽ ڪيو ٿا پر انهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ان کان اڳتي وڌي چيو ته بينظير ڀٽو کان پوءِ نه رڳو ووٽ نه کپن پر هاڻي هي ملڪ ئي نه کپي ۽ انهن سرعام بنظير جي مزار آڏو سندس اباڻي  شهر لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري ۾ ”پاڪستان نه کپي“ وارو نعرو هڻي پاڪستان جي ملڪي سياست کي آخري سلام ڪيو هو، پر ان تاريخي تجربن ۽ تاريخ جبر جي رد عمل ۾ هنيل عوامي نعري جو انڪار ڪندي  آصف زرداري اقتدار جي  لالچ  ۽ حوس ۾  اچي ” پاڪستانب کپي کپي“ جو نعرو هنيو هو ۽ ان نعري تحت پاڪستان جو صدر ٿيو. هاڻي ”پاڪستان نه کپي“ جو نعارو پاڪستان ۾ عام جام ٿي ويو آهي ـ