End of violence of Balochistan

ون يونٽ جنهن جو خفيه دستاويز هڪ پنجابي سياستدان ممتاز  دولتا نه لکيو هو، جنهن جي صفحي 5 ۽ 6 تي درج هو ته”پٺاڻن وٽ بجلي  آهي، بلوچستان معدني دولت سان مالا مال آهي ۽ سنڌ وٽ وسيع زرعي زمينون ۽ قدرتي وسيلا آهن ان لاءِ ضروري آهي ته پنجاب سرحد جي بجلي مان فائدو وٺي بلوچستان  جي معدني دولت جي ڦرلٽ ڪري ۽ پنجابين کي سنڌ جي زرعي زمينن تي آباد ڪيو وڃي“ ـ
1954ع ۾ ون يونٽ ۾ بلوچن سان به بنگالين ۽ سنڌين جيان ظلم جي بازار گرم ڪئي وئي 1958ع ڌاري پاڪستان جي فوجي ايجنسين قلات ۾ داخل ٿي خان آف قلات کي گرفتار ڪيو، جنهن ڪري ڪيترين ئي بلوچن  کي گرفتار ڪري ”قلي“ ڪيمپ ۾ رکيو. ايوب جي مارشلا ۾ بلوچستان جي  سردار نوروز خان سان فوجين سان ويڙھ ڪئي جنهن ۾ وڏي تباهي ٿي ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ڪيا ويا ۽ سردار نوروز خان ۽ ان جي پنجن پٽن کي گرفتار ڪيو ويو نوروز خان جي پنجن پٽن کي ڦاهي ڏني وئي 90 سال جو پوڙهو سردار جيل ۾ ئي گذاري ويو. ان جي سڄي عرصي دوران محب وطن بلوچ اڳواڻ ۽ ان جي عوام تي بنگالين جيان ملڪ دشمني ۽ غداري جو الزام هنيو ويو 73ع ۾ جمهوري آئين جي آڙ ۾ به بلوچن سان ظلم ڪيو ويو ڏھ هزار  بلوچن هن آئين تي اهو چئي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هي اسان جي وطن ۽ خودمختياري جي خالف آهي. ان ڪري بلوچن سان اهڙي ويڌن ڪئي وئي جو انساني ضمير جا سڀ ليڪا لتاڙي ويا. هن وقت به گودار پورٽ جي تعمير، فوجي چانوڻين جي تعمير جا منصوبا بلوچن کي ڪچلڻ لاءِ جوڙيا پيا وڃن هن وقت به بلوچستان هٿان بدترين فوجي آپريشن جاري آهي. جنهن ۾ سوين بلوچ ماريا ويا آهن. سڄو عوام ۽ قومون ون يونٽ جي خلاف هيون ايتري قدر جو جسٽس فضل اڪبر جي سرڪاري رپورٽ ۾ چيل هو ته 97 سيڪڙو عوام ون يونٽ جي خلاف آهي پوءِ به ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي پاڪستان ۽ اسلام جي تحفظ جي علامت سمجهي ان جي برقرار هجڻ تي زور ڏنو ويو ۽ قومن توڙي صوبن جي قومي توڙي صوبائي، حيثيت کي نظر انداز ڪري ون يونٽ جي جابرانه مرڪزيت هيٺ واڙي رکيو ويو ـ