نجم عباسيءَ جون لکڻيون

سنڌ قومي غلامي ۽ طبقاتي غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهي ۽ سنڌ جا سڀ مسئلا، انهن غلامين مان ڦٽن ٿا. انهن غلامين مان آجپائيءَ کي انقلاب چئجي ٿو. سنڌين کي غلام ڪنهن بنايوآهي؟ غلام بنائيندڙ کي سامراج چئبو آهي. ان جي ڇٽائي ڪئي وئي آهي ته نه رڳو طبقا پر قومون به سامراج ٿيندڙ آهن. صرف ظاهر آهي ته پنجابي قوم سامراجي قوم آهي. ڪڏهن عام پنجابين احتجاج ڪيو آهي ته سنڌين تي ظلم نه ڪريو؟ ڪڏهن هنن چيو آهي ته سنڌي هارين کي سنڌ جي زمين کان محروم يا بيدخل نه ڪيو؟ ڪڏهن هنن چيو آهي ته سنڌ جي ڪارخانن ۾ سنڌي مزورن کي ملڻ کپي؟ ڪڏهن پنجابي لشڪرين ان حڪم کان انڪار ڪيو آهي ته اسين سنڌ ۾ سنڌي کي شوٽ نه ڪنداسين، يا سنڌ ۾ هارپ مزوري يا سرڪاري نوڪري نه ڪنداسين، ڇو ته سنڌ ۾ انهن روزگارن تي سنڌين جو حق آهي صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي ڦرلٽ نه رڳو پنجاب جو بالادست طبقو ڪري ٿو، پر عام پنجابي به ان ۾ شامل، حصيدار آهي ـ


نئون سنڌي ۽ پراڻو سنڌي اصطلاحن ۾ به حرفتبازي ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن به نئون پنجابي ۽ پراڻو پنجابي يا نئون بلوچ پراڻو بلوچ يا نئون پٺاڻ ۽ پراڻو پٺاڻ جا اصطلاح استعمال ڪونه ٿا ٿين پوءِ نئون سنڌي ۽ پراڻو سنڌي جو راڳ ڇو؟ سنڌي سنڌي آهي نئون ۽ پراڻو ڇو؟ جي ڪو ڌاريو اچي سنڌ ۾ ٿو ويهي ۽ هن ڌرتيءَ سان سدائين لاءِ واسطو رکڻ ٿو چاهي ته هن کي ان جو عملي ثبوت ڏيڻو پوندو. هن کي سنڌي ٻولي ڳلهائڻي پوندي، سنڌي سڀيتا اختيار ڪرڻي پوندو، سنڌ جي تاريخ کي پنهنجو ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪرڻو پوندو، سنڌين سان اقتصادي ذريعن ۾ برابريءَ جي بنياد تي شريڪ ٿيڻو پوندو، انهيءَ طريقي چار پيڙهيون رهڻ کانپوءِ، هو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ جو حقدار ٿيندو. ان کانپوءِ هن کي ووٽ جو حق مڻ کپي، جائداد خريد ڪرڻ جو حق ملڻ کپي دائمي روزگار ملڻ کپي، ۽ اهو به تڏهن جڏهن سڌي هن کي تسليم ڪندا ۽ اهڙا حق ڏيندا. رولُو (پنجاب) ماڻهن ۽ پناهگيرن جي نه ڪا ڌرتي ٿيندي آهي ۽ نه ڪا قوميت، ان ڪري سنڌ ۾ ٽڪيل پناهگرين کي سنڌي قوم ڪيئن ٿو سڏي سگهجي، هو نه سنڌي ٻولي ڳلهائن ٿا، نه سنڌي تهذيب اختيار ڪن ٿا، نه سنڌي جي ڌرتي ۽ تاريخ کي دل سان پنهنجو ڪن ٿا ۽ نه سنڌ جي اقتصادي وسيلن تي سنڌين کي برابر ڏيڻ چاهين ٿا. اهڙا رولُوٽولا ۽ پناهگير ٻئي ملڪ ۾ سڻڀو ٽڪر ڏسندا آهن ته پاڻ اوڏانهن لامارو ڏيندا آهن ۽ ڌرتي ڇڏي ويندا آهن. پرڪن حالتن ۾جي هو پاڻ نه ڇڏيندا آهن ته پوءِ هنن کان ڌرتي ڇڏائڻ لاءِ ڌرتيءَ جي مالڪن کي اٿڻو پوندو آهي. اها سوچ غلط آهي ته پوءِ هي پناهگير چاليھ سال يا پنجاھ سال ڌرتيءَ تي رهيا آهن، ان ڪري ڪئين ويندا. تازي تاريخ ۾ دنيا جا اهڙا مثال اسانجي سامهون آهن ـ




هيمون ڪالاڻي

سورهن ورهين جي ڄمار ۾هيمون، سکر بند ڀرسان لشڪر ۽ بارود واري گاڏي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جي الزام ۾ پڪڙيو ويو. ڪن انقلاب دشمن شخصن، هن کي ريلجي پٽن سان هٿ چراند ڪندي ڏسي ورتو ۽ گرفتار ڪرايو. هن کي ويھ ڏينهن ماريو ويو ۽ ڪٽيو ويو، برف تي ليٽايو ويو ۽ ٻيون وحشي پيڙائون ڏنيون ويون ته پنهنجي رفيقن جا نالا ٻڌاءِ پر هن جو هڪڙو ئي جواب انقلاب زندآباد، ڦاسيءَ جي تختي تي پڻ هو اهو نعرو هڻندو رهيو. انگريزن جي قانون موجب، ڦاسيءَ لاءِ  گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ٿيل هئي. پر هنن تمام نهاد جمهوريت ۽ آزاد پسند گبدين هڪ سورنهن سالن جي نوجوان انقلابيءَ  کي  ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو
هيمون ڪالاڻي امين کوسي جي انقلابي تقرير ٻڌي، آزاديءَ جي جذبن سان اهڙو ڀرجي ويو، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن، وٽ وڃي وطن جي آزاديءَ جو فلسفي ۽ عملي جاکوڙ  بابت هن کان سوالن مٿي سوال پڇندو رهندو هو، هن مارڪسزم ۽ انقلابي جنگ جي سائنس بابت عملي تدبيرون سکڻ چاهيون، هن ساٿين سان گڏجي ٽيليفون جون تارون ڪٽيون هٿيار ڪٺا ڪيا ۽ بم ٺاهيان
فيروز خان جنهن اتفاق سان هيمون جن کي ريلوي جا نٽ بولٽ کوليندي ڏسي ورتو هو ۽ چغلي هڻي هيمون کي پڪڙايو هئائين. سو پنجاب جو هو. هو هتي سنڌ روزگار خاطر  آيو هو ۽ هتي ئي ٽڪي پيو هو. انگريزن سان سڄڻپائيءَ جي جذبي هيٺ ئي هن هيمونءَ کي ڦاساريو هو، جئين هن جي وطن وارن  ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ڏياري هئي. هيمونءَ کي  زيڪو سلاويڪيا جي سرويچ جولس فوچڪ جيتري جسماني پيڙا ڏني وئي. پر هن پنهنجي ڪنهن به ساٿيءَ جون نالو نه ٻڌايو، معافي نامو لکي ڏني  وئي، پر هن ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ ڦاسي تي چڙهڻ قبول ڪيو
هيمونءَ چيو : ديس جي دشمن کان معافي وٺڻ گيدي ۽ بي غيرت ماڻهن جو ڪم آهي آهي، جيڪڏهن مونکي آزاد ڪيو ويو ته وري ريل ڪيرائيندس، ديستان هزار جانيون به قربان ـ
هيمونءَ چيو: ”جيئرو رهيسته وري به اهڙا ڪم ڪندس ۽ اوستائين جاري رکيو ايندس، جيستائين انگريزن جي حڪومت هندستان مان ختم نه ٿي ويندي“ ـ 
هيمونءَ چيو : جيڪڏهن مان ڇٽي ويس ته وري وڃي ساٿين سان گڏ انگريزن خلاف  ساڳيون ڪارروايون ڪندس ۽ ايستائين ائين ڪندو رهندس، جيستائين پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارين کي لوڌي نه ڪڍيم اٿم ـ
هيمونءَ چيو : مون سان سنڌ جو هندستان جو هر ماڻهو گڏ آهي، سڀ انهيءَ ٽولي ۾ شامل آهن ته انگريز سامراج ملڪ ڇڏي وڃي، مان ڪنهن جا ڪنهن  جا نالا کڻان ـ
هن کي لانگ بوٽن جا لوهي ٿڏا لڳا, هن کي سياري جي سيءُ ۾ برف جي نادين تي اگهاڙي بدن ليٿڙايو ويو, هن کي ڦٽڪن سان ڦٽيو ويو, هن کي سچ پترا لڳايا ويا, هن کي اگهاڙو ٽنگيو ويو, هن تي لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو
هيمون چيو : مانب پنهنجي ڪرڻيءَ تي ڪڏهن به پشيمان نه ٿيو آهيان، مون جيڪي ڪيو آهي، صحيح ڪيو آهي، وطن لاءِ ڪيو آهي، وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪيو آهي، مان ان ڏوھ کي ئي نه ٿو سمجهان پوءِ پڇتاءُ ڇا جو؟ معافي ڇا جي وٺان؟ مان انگريز کي پنهنجي ديس مان ڪڍڻ ٿو چاهيان. انهيءَ واسطي وڙهيو آهيان ۽ وڙهندو رهندس ـ




هتي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ ۾ اڙدو جي اصل حيثيت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اڙدو هتي سامراج جي صورت ۾ آئي.  سامراجيت جو مطلب آهي اقتصادي ۽ مالي ڦرلٽ ڪرڻ. سامراجي ٻوليءَ جو مقصد آهي ٻوليءَ ذريعي ڌرتيءَ جي قوم جي اقتصادي ۽ معاشي ڦرلٽ ڪرڻ. جئين سامراج کان آجياپي حاصل ڪرڻ خاطر سر جون سٽيون پيا ڏيون، اهڙيءَ طرح سامراجي ٻولي پڻ پاڻمرادو جند نه ڇڏيندي ۽ ان کان ٻانهن جي ٻل  سان ڇٽڪارو وٺڻو پوندو. ان لاءِ اسان کي جاکوڙ جاري رکڻ پوندي ـ