Panjab Police Kill Sindhi People - Save Sindh

ڪهڙي ڏوھ ۾ سنڌ جي نوجوانن کي ماريو ٿو وڃي، پنجاب جي پوليس سنڌ جي ماڻهن کي ماري ڇا ثابت ٿي ڪرڻ چاهي، اهڙي عمل وقت سرڪار جو ڌيان ڪٿي هوندي آهي جڏهن ڪنهن غريب خاندان مان ڪنهن هڪ کي ڄاڻي واڻي پنجاب پوليس قتل ڪري وڃي ـ


سنڌ جي پوليس ته ڪڏهن به پنجاب جون حدون لتاڙي ڪري ڪڏهن ڪنهن بيگناھ کي ناهي ماريو ته پو پنجاب جي پوليس ڪئين سنڌ جو حدون لتاڙي سنڌ جي ماڻهن کي مارين ٿا، ان وقت سنڌ جي پوليس ڇا پئي ڪيو جنهن وقت بيگناھ سنڌين کي ماريو ٿو وڃي، حڪومت ان وقت ننڊ ۾ هوندي آهي يا ٽي وي ڏسڻ ۾ مصروف هوندي آهي ـ


هي غريب خاندان جو گهر برباد ڪرڻ ۾ پنجاب جي پوليس کي ڇا مليو، ڇا اهو عمل ڪنهن وڏيري ڪرايو؟ يا حڪومت جو ان ۾ هٿ آ، ڇا اهڙا عمل جاري رهندا ۽ سنڌي خاموشي سان برداشت ڪندا يا اڳتي به وڌندا ـ