Sufi Shah Inayat Shaheed - Haq Mojod , Sada Mojod

سنڌ جو ناميارو صوفي، شاهه عنايت شهيد، سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هيءُ مانجهي مڙس، صوفي باصفا، علم ۽ عمل جو صاحب، سترهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ علم ۽ فضل جي تلاش ۾، هندستان جي مختلف شهرن مان ٿيندو پنهنجي اباڻي ملڪ سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ ميرپور بٺوري جي ڀرسان جهوڪ شريف ۾ اچي آباد ٿيو, شاهه عنايت شهيد جنهن کي ڪيترا تاريخدان ”سنڌ جو منصور“ به ڪوٺين ٿا، هڪ باڪمال شخص، عالم، فاضل، شاعر، سماج سڌارڪ، سچو سورهيه ۽ پنهنجي وقت جو وڏو انقلابي ٿي گذريو آهي. هي اُهو زمانو هو جڏهن يورپي قومون بهتر سماجي، سياسي توڙي فوجي انتظامن سان، هندستان جي سرزمين تي سوداگرن جي شڪل ۾ داخل ٿي چڪيون هيون ۽ آهستي آهستي هتان جي سياست ۾ به دلچسپي وٺي رهيون هيون
سن 1707ع ۾ اورنگزيب عالمگير جي اکين بند ٿيڻ سان، مغل سلطنت جو زوال شروع ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هندستان جي هر علائقي اندر مرڪز کان الڳ ٿيڻ جو رجحان زور وٺڻ لڳو ۽ هندستاني قومن جي زبردستيءَ جي دوستي به دم ٽوڙڻ لڳي. زوال جي دور ۾ هميشه حڪومتي مشينري ڪمزور ٿي پوندي آهي ۽ هر شخص ، توڙي جماعت کي ان ڪمزوري مان ناجائز فائدي وٺڻ جو موقعو ملندو آهي. شاهه شهيد جي زماني ۾ به دهليءَ ۾ مغل سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ سان، سنڌ ۾ سندن نائب ۽ ناظم به شينهن ٿي پيا ۽ پنهنجي هلائڻ لڳا. عام ماڻهن جي ڏک سک ۽ خير عافيت سان ڄڻ ته سرڪاري ڪارندن جو ڪو واسطو ئي ڪونه هو
شاهه شهيد اڄ کان اٽڪل پوڻا ٽي سئو سال اڳ پنهنجن دوستن ۽ فقيرن جي هڪ اهڙي ڀائپي ۽ برادريءَ جو بنياد رکيو، جنهن جو مثال گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي تاريخ ۾ نٿو ملي. چون ٿا ته سندس برادريءَ ۾ ننڍ وڏائي بالڪل ڪانه هئي ۽ اقتصادي طور ” گڏيل کيتي“ جي رواج تي هلندا هئا. جيڪي پوکيندا ۽ ڪمائيندا هئا سو گڏجي ونڊي ورهائي کائيندا هئا. پاڻ پنهنجي لاءِ بنيادي ضرورتن کانسواءِ وڌيڪ ٻيو ڪجهه ڪونه رکندا هئا ۽ سموري گڏيل ڪمائي فقيرن ۽ هارين ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. ظاهر آهي ته اها هلت اوسي پاسي جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پسند ڪانه پئي ۽ سندن ننڊ حرام ٿي وئي. اهوئي سبب آهي جو مغلن طرفان ٺٽي ۾ مقرر ٿيل ناظم کي سندن پاڙيسري جاگيردارن، پنهنجو هم خيال بڻائي شاهه شهيد خلاف هڪ وڏو منصوبو سٽيو ۽ آخر پنهنجي مڪروه سازش ۾ ڪامياب ٿيا
شاهه عنايت هڪ نهايت امن پسند ۽ انسان دوست بزرگ هو. سندس اڪثر وقت عبادت ۽ پنهنجن دوستن جي عملي توڙي اخلاقي سڌاري ۾ گذرندو هو. آسپاس وارين زمينن جي پوک ۽ آباديءَ تي سندس جماعتين جو گذران پيو ٿيندو هو. اڳ مغل حڪومت کانئن سمورا محصول معاف ڪري ڇڏيا هئا، پر هينئر ٺٽي جي نئين ناظم، نواب اعظم خان، ڀروارن زميندارن جي چرچ تي، پنهنجي ليکي، دهليءَ مان موڪل وٺڻ کانسواءِ، اهو فرمان جاري ڪيو ته شاهه عنايت ۽ ان فقيرن جي زمينن تان محصول ۽ ٻيا سرڪاري لوازما وصول ڪيا وڃن. شاهه عنايت، جنهن کي پنهنجي عوامي اصولن ۽ دوستن تي پورو پورو ڀروسو هو ۽ جنهن ڪنهن به ظلم اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ ڪونه سکيو هو، تنهن ان حڪم قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ هر مصيبت جي مقابلي لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو
آخر ڳالهه ان حد تي وڃي پهتي جو ٺٽي جي ناظم، ڪنهن نه ڪنهن طرح، ڪوڙيون سچيون رپورٽون دهليءَ موڪلي مرڪز کي ان ڳالهه تي مڃائي ورتو ته شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين کي ختم ڪجي ۽ ان طرح فقيرن جي مخالف پيرن، زميندارن ۽ انهن جي چاپلوسي ڇاڙتن کي وجهه ملي ويو ۽ هو فقيرن تي هڪ وڏي حملي جي تياريءَ ۾ لڳي ويا
آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن شاهه عنايت کي شهادت جو پيالو پيئڻو پيو. چون ٿا ته ان لاءِ سرڪاري ڪارندن کي نه رڳو جهوڪ شريف کي سانده چار مهينا گهيرو ڪرڻو پيو پر جڏهن شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين جي همت ۽ خوني جنگ جو تاب نه جهلي سگهيا، تڏهن دوکي ۽ فريب سان، قرآن جو واسطو وجهي، وڏا واعدا ۽ شرط شروط ڪري، شاهه عنايت کي نواب اعظم خان وٽ گهرائي، قيد ڪري، قتل ڪرايو ويو
شهادت کان اڳ شاهه عنايت ۽ اعظم خان جي وچ ۾ جيڪا نظرياتي ڏي وٺ ٿي ۽ سوال جواب هليا. سي نه رڳو دلچسپ آهن پر شاهه عنايت جي علميت، بردباري، تدبر ۽ سماجي ساڃاهه جي پڻ ثابتي ڏين ٿا. شاهه عنايت سڀني سوالن جا جواب گهڻو ڪري حافظ شيرازي ۽ ٻين فارسي شاعرن جي زبان ۾ ڏنا آهن.
شاهه عنايت سنڌ جو هڪ سچو سورهيه ۽ انسان دوست صوفي هو ۽ ضروري آهي ته

سندس ياد کي وري وري تازو ڪجي
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي سي جئا
(هفتيوار “صبح سنڌ” ڪراچي جولاءِ 1970ع) سائين مدد علي سنڌي جي ٿورن سان)