The message of Shafi Muhammad Burfat to World Sindhi Congress

جناب صدر ، حاضرين ۽ مھمان
جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد ۽ جيئي دنيا جون مظلوم قومون, سڀ کان پھريان مان نه صرف سنڌ جي قومي تحريڪ بلڪ پوري سنڌي قوم خصوصي طرح پنھنجي پارٽي جيئي سنڌ متحدا محاذ جي طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين محتم حليم ڀٽي ھن پروگرام کي آرگنائيز ڪندڙ ڊاڪٽر ھدايت ڀٽو، لکو مل لوھاڻي ، ڊاڪٽر صغير شيخ ۽ ٻين کي واڌايون ڏيندس جن اڄوڪي ماحول حالتن ۽ عالمي سياسي تبديلين کي مدِ نظر رکندي ھن ڪانفرنس کي منعقد ڪيو آھي ۽ لکين مبارڪن جا مستحق آھيو توھان سمورا دوست جن ” سنڌ جي آزادي عالمي امن لاءِ ڪيئن ضروري آھي“ جھڙي موضوع جي چونڊ ڪري اھو ثابت ڪيو آھي ته سنڌ جا ھي باشعور فرزند جيڪي پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ کان پري ھوندي به پنھنجي سياسي بصيرت دور انديشي ۽ قومي آزاديءَ جي مقصد بقا جي سوال قومي وجود ۽
ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ سخت اونو ۽ ڳڻتي رکن ٿا ـ
معزز حاضرين : اڄ بنياد پرستي مذھبي ڪٽرپڻو ، نام نھاد جھاد انسانيات کي نفرت ،
تفاق ، بدامني دھشتگردي غير يقيني سياسي انتشار،معاشي تباھي سماجي انارڪيءَ ۾ مبتلا ڪري 11_9 جھڙا واقعا سموري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مذھبي جھادي جنونين طرفان اتي جي پر امن شھرين جمھوري مزاج سيڪيولر سوچ ، رواداري سھپ ۽ برداشت جھڙن انساني گسن خلاف حملا ڪيا پيا وڃن. اڄ دنيا جي ڪا به اھڙي ڪنڊ خطو،ملڪ ۽ شھر انھن تنگ نظر مذھبي جنونين دھشتگردن کان محفوظ ناھن رھيا. اھو ئي سبب آھي جو نيٽو ۽ آمريڪي فوجون اھڙي مذھبي دھشتگردي خلاف افغانستان ، عراق يا پاڪستان سميت سموريدنيا ۾ جمھوريت ، سيڪيولرازم ۽ دنيا جي سياسي آزادي معاشي استحڪام لاءِ ۽ انساني وقار جي سربلديءَ لاءِ ويڙھ ۾ مصروف آھن جيڪڏھن منھنجي مٿين ويچارن کي ڪو ٻن لفظن ۾ پيش ڪري ته ائين چئي سگھجي ٿو ته مذھب ملڪ اسلامي ويچارن کي ڪٽرپڻي ، تنگ نظريءَ سبب انسان ذات جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي نمبر ٻه گھڻ قومي ريسات جي سامراجي عالمگيريت سبب مظلوم ۽ پيڙھيل قومن کي انھن سامراج مفاد لاءِ قائم ڪيل گھڻ قومي رياست ۾ غلام بڻائي تاريخي قومن جو سياسي معاشي جاگرافيائي قومي استحصال ڪري انسانذات سان سڀ کان وڏي بربريت ظلم ، ناانصافي ۽ جارحيت ڪئي پئي وڃي معزز حاضرين ... آءُ کليل لفظن ۾ پنھنجي ويچارن جو اظھارڪندي اھو پڻ چوندس ته ھي جيڪي United Nation جو ادارو آھي اھو پنھنجي نالي ۾ ته اتحاد ۽ ايڪي جو ادارو سڏجي ٿو پر حقيقت ۾ اھو ادارو سامراجي ناانصافين تي مشتمل گھن قومي ريساسيت تي مشتمل آھي جن رياستن ۾ سوين قومن کي قيد غلام ۽ استحصال جو اڄ به شڪار بڻايو پيو وڃي. مثال: جيئن پاڪستان جي فحاشي ، ظالم نا انصافين تي مشتمل غير فطري نام نھاد ٻه قومي نظري جي آڌار تي قائم ٿيل ھڪ اھڙي رياست آھي جيڪا ھڪ طرف ھزارين سالن جي تاريخ تمندن ، ڪلچر ۽ سڀيتا جي مالڪ سنڌي قوم ۽ بلوچ قوم کي غلام بڻائي اسان جو قومي استحصال ڪرڻ سان گڏ اسان سنڌين ۽ بلوچن جي قومي وجود لاءِ 63 سالن جي تجربي جي آڌار تي زھر قاتل ثابت ٿي آھي . ھڪ طرف ھيءَ غير فطري فاشي ، غير ذميوار رياست ( پاڪستان ) نه صرف پنھنجي جاگرافيائي حدن ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي بلوچ قومن جي وجود خلاف سازشن ۾ جڻيل آھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان دراصل پنجابي سامراج جي مفادن لاءِ قائم ڪيل ھڪ اھڙي ظالم رياست آھي جيڪا مذھبي جنونيت ، جھادي ڪلچر ۽ دھشتگردي جي ھڪ عالمي نرسري جو ڪردار ادار ڪندي سموري دنيا لاءِ فتني فساد ، مذھبي نفرت نفاق ۽ جھاد جي جاھلاڻي ترغيت رھي آھي ۽ رھي ٿي ـ
معزز حاضرين : ھي غير ذميوار ، غير فطري ، فاشي رياست جنھن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي ان جي پنجابي فوج ۽ خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ھڪ مڪمل غير مھذب جارح ۽ انسانيت ۽ قومن جا ويري ادارا آھن جيڪي نه صرف پاڪستان ۾ غلام ۽ قيد ڪيل سنڌي ۽ بلوچ قومن جي قومي مفادن جي خلاف ڪريل ، ڪڌين ۽ خطرناڪ سازشون ڪندا رھن ٿا بلڪ سنڌي ۽ بلوچ قومي ڪارڪنن خلاف آءِ ايس آءِ جھڙو غير مھذب ادارو مڪل نازي ۽ فاشي طرز عمل اختيار ڪندي سنڌي ۽ بلوچن جي سياسي زندگيءَ ۾ زھر ملائيندا رھن ٿا. اسان جا ڪيترائي سياسي قومي ڪارڪن گرفتار ڪري انھن مٿان غير انساني تشدد ڪرڻ سان گڏ ساڻن جسماني ، نفسياتي ۽ جنسي تشدد ۽ زيادتيون پڻ آءِ ايس آءِ طرفان مظلوم قومن جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ڪندا رھيا آھن ـ
معزز حاضرين : سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڏينھن ڏٺي جو ڪلاچيءَ جھڙي عالمي شھر ۾ آءِ ايس آءِ طرفان شھيد ڪرڻ جھڙي ڪڌي ڪم کان ويندي جسمم جي قومي دانشور ۽ سينئر وائيس چيئرمين سميع الله ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري سخت غير انساني تشدد بعد شھيد ڪري سندس لاءِ اڇلائڻ تائين ۽ بلوچ قوم جي سياسي فڪري ۽ نظرياتي رھبر جناب محترم خير بخش مري جي خيالن ۽ ويچارن کي مڃيندي پنھنجي وطن بلوچستان جي آزاديءَ ۽ قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ھزارين بلوچ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي نه صرف لاپتا ڪيو ويو بلڪ ڪيترن ئي اھم بلوچ سياسي اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ جي درندن سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وانگر بيدرديءَ سان غير انساني ازيتن ۽ عقويتن ۽ فوجي چڙھايون ڪري شھيد ڪيو ويو جنھن ۾ شھيد اڪبر بگٽي ، شھيد بالاچ خان مري ، غلام محمد بلوچ ،لالا منير بلوچ،شير محمد بلوچ ۽ شھيد رسول بخش مينگل سميت ڪيترائي شامل آھن ايتري قدر جو مان سنڌ جو ھڪ سياسي قومي ڪارڪن ۽ فرزند آھيان منھنجي مٿان پڻ ھن پاپي پاڪستان جي غير مھذب اداري آءِ ايس آءِ طرفان ڪروڙين روپيه انعام رکي مونکي گذريل 21 سالن کان روپوش رھڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي جيئن مان پنھنجي سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جي قومي آزاديءَ لاءِ پنھنجو گھربل سياسي ، قويم ۽ انقلابي ڪردار ادار ڪري نه سگھان . سنڌ جي قومي تحريڪ جي سياسي تاريخ ۾ آءِ ايس آءِ طرفان اسان جي پارٽي جيئي سنڌ متحد ا محاذ خلاف 2004 کان غير انساني آپريشن شروع ڪيو ويو آھي جيڪو اچ سوڌو جاري آھي ٻيو ته ٺھيو مان ايتري قدر جو سنڌ جي ھڪ ڏاھي دانشور رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي رفيق ۽ جسقم جي چيئرمين عبدالواحد آريس جي مٿان بم ڌماڪن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن . ٻئي طرف جسمم جي مک اڳواڻن اصغر شاھ ، مظفر ڀٽو۽ ستار ھڪڙو سميت 25 اڳواڻن کي آءِ ايس آءِ طرفان گرفتار ڪري سالن تائين لاپتا ڪرڻ سان گڏ سخت غير انساني اذيتون ڏئي جسماني ۽ ذھني طرح مفلوج ڪيو ويو آھي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ سميع الله ڪلھوڙو ، ممتاز ڀٽو، اسد عباسي ، مشتاق خاصخيلي کي شھيد ڪيو ويو آھي . ان کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا سوين قومي ڪارڪن اڄ به روپوشين ۽ جلاوطني جي زندگي گذاري رھيا آھن. جن ۾ بلوچ قومي اڳواڻ مير حيربيار مري بلوچ ريپبلڪن پارٽي جي سربراھ برھمداغ بگٽي ۽ سنڌ جي عظيم قومي ڏاھي محترم دادا ڪيرت باباڻي ، قومي ڪارڪن ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ۽ نور لغاري سميت ڪيترائي سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻ جلاوطن بڻيل آھن ۽ جلا وطن زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ـ
معزز حاضرين : ھن سموري ماجرا کي سامھون رکندي اسان جڏھن ھن تاريخي موضوع جي گھرائيءَ تي غور ڪنداسين ته اڄ جي حالتن ۾ واقعي به دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ انسان ذات سان لاڳو ان ٻن ڳنڀير مسئلن يعني مذھبي ڪٽرپڻي ، نفرت ، نفاق کان انسان ذات جو ڇوٽڪارو ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي رھندڙ ھزارين سالن جي تاريخ ، تمدن سڀيتا جي وارث قومن جي آزادي جي اھم ترين مسئلي کي فوري Address ڪرڻ اڄ سموري دنيا لاءِ کليل چئليج بڻيل آھي مان ھن فورم تان UNO جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي پڻ اپيل ڪندس ته ھو ان ڳالھ تي غور ڪري ته UNO جي اداري جي ميمبر رياستن جي قيد ۾ اڄ به ڪيتريون ئي حقيقي قومن واڙيل آھن جن کي غلام بڻائي انھن جو قومي ، سياسي ، معاشي ۽ جاگرافيائي استحصل ڪيو پيو وڃي . ان کانسواءِ مان ھن فورم جي معرفت سموري دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن جو ڌيان ان ڳالھ طرف ڇڪائيندس ته 1952ع ۾ رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد ويانا امن ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ان قت يورپ ۽ خاص ڪري آمريڪا کي پنھنجي ڏاھپ ۽ دورانديشي جو مظاھرو ڪندي ۽ خبردار ڪندي صلاح ڏني ھئي ته مذھبي ڌرين جي مدد حمايت ۽ تائيد ڪري رھيا آھيو ھڪ ڏينھن اھِ ساڳيون ئي مذھبي جمائتون سموري دنيا خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا لاءِ ڏچر ۽ مصيبت پيدا ڪنديون. سائين جي ايم سيد جي ڳالھين تي ان وقت ته يورپ ۽ آمريڪا طرفان ڌيان نه ڏنو ويو پر اڄ سموري دنيا انھن جھادي جاھلن جي تنگ نظريي ۽ دھشتگردي جو شڪار آھي اڄ مان 2009ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي فورم تان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد جي ھڪ عدنا سياسي پيروڪار جي حيثيت ۾ اھا ڳالھ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما جي اڳيان ھڪ ڀيرو ٻيھر دھرايان ٿو ته توھان پاڪستان جھڙي غير ذميوار ۽ غير فطري رياست جي لاءِ فرينڊس آف پاڪستان ٺاھي ان جي مالي مدد ڪري ھڪ سنگين غلطي کي ورجائي رھيا آھيو ڇا ڪاڻ ته آءِ ايس آءِ ۽ پنجابي فور ان مالي امداد ٽيڪنيڪل سھائتا ۽ فوجي مدد کي نه صرف پاڪستان ۾ قيد مظلوم قومن سنڌين ۽ بلوچن جي مفادن ھر پاسي جي جمھوري ملڪن جي خلاف استعمال ڪندي پر سموري دنيا جي مذھبي جھادين ۽ اندروني خانه افغانستان ۾ طالبانن ۽ سموري دنيا جي مذھبي جھادين کي ٻيھر منظم ڪندي جنھن سبب نه صرف وچ ايشيا ڏکڻ ايشيا پر سموري دنيا جي امن سلامتي ۽ سياسي معاشي استحڪام ۽ رواداري سخت خطر جي ور چڙھي ويندي اسان سنڌي شاھ لطيف جي ھن دعا وانگر ته ـ
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوسـت مـٺا دلدار عـالم سڀ آبـاد ڪرين

جيئن سموري دنيا جو امن سلامتي جا ھزارين سالن کان وارث ۽ راھي رھيا آھيون . اسان جي سنڌ ھزارين سالن کان پنھنجي اندر ۾ ھڪ فلسفو ، پيغام ۽ سنيھو سانڍيندي آئي آھي جنھن کي اڄ اسين سياسي حوالي سان فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ چئون ٿا جنھن جا بنيادي نڪتا اتحاد ، انساني امن ، عالم ۽ ترقي بني آدم رھيا آھن اسان جي بزرگن ڏاھن ۽ مفڪرن جي ھزارين سالن جي تعليم رھي آھي . شاھ ، سچل ، سامي کان ويندي سنڌي قوم پرستي جي باني ھوشو ،ڪيول راماڻي ، علامه آءِ آءِ قاضي ،دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوھند مالھي نارائڻ شيام ، ڀڳت ڪنور رام کان رھبرسنڌ سائين جي ايم سيد تائين سنڌ جي انھن عظيم مفڪرن طرفان سنڌ جي ھزارين سالن جي ان پيغام کي نه صرف پنھنجي سيني ۾ سانڊيو آھي پر نسل در نسل ان پيغام کي ايندڙ پيڙھين تائين منتقل ڪندا رھيا آھن اسان جي وڏن سنڌو درياءُ جي ڪناري تي ويھي جڏھن رگويد لکيو ۽ ڌرتيءَ جي بھترين تھذيبي ، ثقافتي ۽ انساني دوست ھندو مت جو بنياد وڌو انھن ويدن جي ھر ھڪ سٽ ۾ ڌرتيءَ جي نقا سلامتي ، انساني دوستي ۽ رواداري جو پيغام سمايل آھي اھو ئي سبب آھي جو سنڌ مختلف مذھبن جي وچ ۾ رواداريءَ ۽ ڀائپي جو ھڪ سنگم ۽ گلدستو رھي آھي . سنڌ جا جوڳي ۽ صوفي بزرگ اڄ ڌرتي ءَ جي ويديانتي ۽ آفاقي وحاني فڪر کي ملائي انھن منجھان انسانيت جھڙو عالمگير مذھب خيال ۽ فڪر جي نه صرف بنياد وجھي چڪا آھن بلڪ ان جي واڌ ويجھ لاءِ نئين سوچ يا نئين مذھب Humanitarian کي حقيقي معنيٰ ۾ دنيا تائين عام ڪرڻ لاءِ اسان رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي National Machine ۽ Political Wisdom جي پھرين ڏاڪي طور پنھنجي مادري وطن سنڌو ديش جي آزادي جي سوال کي دنيا اڳيان رکي رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته اسان جو وطن سنڌو ديش جيڪو پنھنجي سيني ۾ ھزارين سالن کان انسان ذات جي غظمت ، وقار ۽ سربلنديءَ لاءِ پنھنجي تھذيبي ارتقا لاءِ وڏو حصو ۽ ڪردار نڀائيندو رھيو آھي اڄ موھن جي دڙي کي ڏسجي ٿو ته واضح ٿو ٿئي ته مذھب انساني تھذيب ، تمند ۽ سڀيتا جو ڏاڏو آدم اسان کي سنڌ معلوم ٿئي ٿي پر افسوس جو اڄ اسان جي سنڌي قوم اسان جو سنڌ وطن مذھبي ڪٽرپڻي جي ڍونگ ۾ پنجابي سامراج طرفان غلام بنايو ويو آھي. اسان جي قومي سياسي معيثت جاگرافيائي حدون ايتريقدر جو جنھن سنڌو درياءُ جي ڪناري اسان جي ابن ڏاڏن جنھن رگويد لکي دنيا کي امن سلامتي ، سک ۽ شانتي جي خوشخبري ڏني ھئي ۽ تھذيبي مذھب جو بنياد رکيو ھو ان سنڌو درياءو کي پڻ فتني پاڪستان رياست جي پنجابي سامراج جي طرفان سڪائي قيد ڪري ڇڏيو آھي ـ
معزز حاضرين : اسان جي وطن سنڌوديش جي آزادي عالمي امن لاءِ ان ڪري به ضروري آھي ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن دنيا ۾ اھو واحد ملڪ آھي جنھن مذھبي ڪٽرپڻي نفرت ،نفاق ۽ تنگ نظرئي کي مات ڏيڻ لاءِ پنھنجو ھڪ الڳ انسان دوست رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارو سياسي روحاني ۽ سماجي ۽ فڪري سوچ ۽ مسلڪ آھي مان نيٽو اتحاد وارن ملڪن ، آمريڪا جي سربراھ ۽ حڪمت عملي ترتيب ڏيندڙ Intellectual کي آگاھ ڪرڻ ٿو چاھيان ته دنيا جي امن لاءِ فقط ملٽري فوجي ذيعا استعمال ڪري ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿا سگھون پر ان مذھبي تنگ نظري جھالت ۽ جنون کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي روحاني ۽ فڪري رواداري جي پيغام ذريعي ئي حقيقي معنيٰ ۾ سوڀ ماڻي سگھجي ٿي. يورپي ملڪن ، آمريڪا ، برطانيه ، روس ، ڀارت ، اسرائيل ۽ جرمني سميد دنيا جي جمھوري ۽ سيڪيولر ملڪن کي اپيل ڪندي چوان ٿو ته سنڌو ديش جي آزادي ۾ اسان جي مدد ڪن ، اسان سنڌي پنھنجي روحاني ۽ فڪري سگھ ذريعي دنيا مان مذھبي ڪٽرپڻي ۽ جنون جي پاڙ کي ھميشه لاءِ دنيا مان ختم ڪري سگھون ٿا ان طرح اسان جي قومي آزادي نه صرف دنيا جي امن ۽ سلامتي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي بلڪ يورپ ، نيٽو ۽ آمريڪا جي فوجن طرفان بنيادي پرستي خلاف جنگ جا خرچ گھٽجي ويندا ـ
معزز حاضرين : دنيا کي اھا ڳالھ واضع طرح سمجھڻ گھرجي ته پاڪستان رياست ۾ جھڙي طرح بندوق جي ڏاڍ ۽ زور تي واڙيل قومن سنڌي ۽ بلوچ قومون مذھبي رواداري انسان دوستي ۽ بقا ۽ باھمي جون حامي آھن . جڏھن ته پنجابي ۽ پٺاڻ مذھبي ڪٽر پڻي جنوني جھاد جون حامي رھيون آڳن ان ڪري جيستائين پاڪستاني رياست جو فتنو رھندو ان وقت تائين اسان سنڌي ۽ بلوچ جو نه صرف قويم وجود فنا ٿيڻ جو خطرو اسان کي لاحق ھوندو پر پنجابين ۽ پٺاڻن جي ڪٽرپڻي جو اثرآھستي آھستي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي صاحلن معرفت سڄي دنيا تائين ڦھلجي ويندو جيڪو اسان جي تاريخي شعور قومي وجود سموري دنيا لاءِ ھڪ سنگين خطرو ثابت ٿيندو ان ڪري مان دنيا جي سمورن ملڪن کي اپيل ڪندس ته جيڪڏھن توھان آزادي ، انصاف ، جمھوريت ۽ سيڪيولرام ، رواداري۽ انساني ڀائيچاري ۾ ويساھ رکو ٿا ۽ جھادي جھالت جاحقيقي معنيٰ ۾ مخالف آھيو ته توھان کي سنڌو ديش جي قومي آزاديءَ ۽ آزاد بلوچستان جي کليل حاميت ۽ تائيد ڪرڻ گھرجي ان سلسلي ۾ مان به ھڪ ڳالھ ھن فورم يان عالمي ڪميونٽي تي پڻ واضح ٿو ڪريان ته فڪر جي ايم سيد پيغام سنڌ اڄ جي عالمي حالتن ۾ اتحاد انساني ، امن عالمي ۽ ترقي بني آدم لاءِ ھڪ اڻ ٽو حقيقت بڻيل آھي دنيا جيڏھن ان فڪر جي وارث سنڌي قوم جي آزادي لاءِ وقتائتو ڪردار ادار نه ڪيو ته سموري دنيا ڄڻ ته اسان جي قومي غلاميءَ جي ڏوھ ۾ اڻ سڌي طرح شامل ھوندي بلڪ اسان جي قومي غلامي ڄڻ ته مھذب دنيا لاءِ ھڪ معيارھوندي آخر ۾ ائين چوندس ته آمريڪا زنده آباد ، يورپ ايشيا زنده آباد ، آفريڪا ۽ آسٽريليا زنده آباد ، عرب دنيا زنده آباد ،سنڌو ديش زنده آباد ۽آزاد بلوچستان زنده آباد ـ

سنڌ مقدس عقيدو ۽ ايمان آ، سنڌ انجيل گيتا ۽ قرآن آ
سنڌ جيتري مٿي آ اجھو ۽ امن پاڻ کي ھاڻ آزاد گھرجي وطن