ڪالاباغ ڊيم

سنڌو درياءُ جيڪو سنڌي قوم جي جياپي جو ضامن آهي ۽ قدرتي پاران سنڌين کي ڏنل هي تحفو جيڪو جُڳن کان هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي سڃاڻپ رهندو آيو آهي. پاڪستان ۽ ان جا حڪمران انهن کان اهو به کسي انهن جي زندگي جي ڏيئي کي گُل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هن ڌرتي کي ٺوٺ ڀڙڀانگ بڻائي هتان جون آباد زمينون تباھ ۽ برباد ڪري پنهنجيون غير آباد زميون آباد ڪري سڄي پنجاب کي خوشحال ۽ سائو ستابو ڪرڻ چاهين ٿا. سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ڦرلٽ جي تاريخ پراڻي آهي جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي تڏهن کان سنڌو جي پاڻيءَ جي چوريءَ جو سلسلو جاري آهي رڳو پرويز مشرف جي حڪومت جو مثال آهي ان جي دور ۾ هر سال سنڌ جو پاڻي روڪيو وڃي ٿو. گذريل سال 50 سيڪڙو سنڌ جا فضل ڪونه ٿيا، ان کان پوءِ هن سال چاليھ سيڪڙو سنڌ جا فصل نه ٿي سگهيا آهن. ٻج سُڪي ويا ڪيل رونبا سُڪي ويا ۽ دير ٿي وڃڻ ڪري ماڻهن هر ڪاهڻ ڇڏي ڏنا ۽ پنهنجون زمينون رهائي ڇڏيون. سنڌوءَ تي اڳ ۾ ئي چشما جهلم لنڪ ڪينال غير قانوني تعمير ٿيل آهي ۽ تربيلاڊيم غير قانوني طور تعمير آهي جنهن ڪري اڳ ۾ سنڌوءِ جو پاڻي چورايو وڃي ٿو ۽ ٿيل ٺاھ ۽ انهن جو انڪار ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. وري مٿان ٿل ڪيئنال، ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشاڊيم تعمير ڪيا وڃن ٿا جنهن لاءِ هن سان جي جي بجيٽ ۾ انهن جي تعمير لاءِ رقم پڻ رکي وئي سنڌ جا احتجاجن ۽ مطالبن جي باوجود ڏاڍ جو هر سلسلو جاري آهي ـ
سنڌودرياءِجي مٿان ٻاهران ناجائيز طور ڊيم ۽ ڪيئنال تعمير ڪرڻ سان نه رڳو سنڌ جي زراعت تباھ ٿي ويندي پر سڄي زندگي جو سمورو وهنوار پر سڄي معلومات تباھ ٿي ويندي ڇو ته انڊس ڊيلٽا ۾ گهريل پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سنڌ جي ٻه ٽي لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وئي آهي. ٻيو سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري اتي قائم شهرن جو ڪراچي، ٺٽي، بدين جو سمنڊ جي پيٽ ۾ هليو وڃڻ جوامڪان آهي. ٻيو هن وقت سنڌ ۾ گرمي پد وڌڻ جو سبب به پاڻي جو  کوٽ ۽ خاص ڪري پاڻيءَ جو گهريبل مقدار سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي ڪري آهي. ان کان سواءِ ٻيلا ۽ خاص ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل تمر جا ٻيلا تباھ ٿي ويا آهن پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي کارو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڍنڍون ۽ تلاءِ اڃان تائين سُڪا پيا آهن.  مَڇي ۽ پلو اڻ لڀ  ٿي آهي لکين خاندانن جيڪي ملاح جن جو گذارن مڇي تي هو بيروزگار ٿي ويا اهن. ڪڻڪ ۽ ساريون جيڪي ڀلي ۽ گهڻي مقدار ۾ ٿينديون هيون هاڻي سنڌ ٻاهران گهرائي ٿي زرعي فصلن جي نه ٿيڻ جي ڪري اقتصادي بحران منهن ڪڍيو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ بدامني چوري ۽ ڌاڙا وڌي ويندا جنهن ڪري ڪاروبار ۽ ڪاروباري ماڻهو متاثر ٿيندا ۽ سنڌ قوم جو سماجي ڍانچو تباھ ٿي ويندو. ان سڄي تباهي جي پس منظر جي باوجود پاڪستان جا حڪمران سنڌ جو پاڻي ڏنڊي جي بنياد تي ڦري رهيا آهن ۽ ڊيم ۽ ڪيئنال تعمير ڪري رهيا آهن ـ