هي آئين جنهن پاڪستان جو پهريون جهموري آئين چيو وڃي ٿو. هي آئين نه جمهوريت جو تحفظ ڪري سگهيو، نه پنهنجي خالق جو تحفظ ڪري سگهيو، نه قومن جي قومي وجود ۽ وسيلن جو تحفظ ڪري سگهيو نه ان آئين تحت چونڊ جي آيل اسيمبلين جو تحفظ ڪري سگهيو، هن آئين جي موجودگي ۾ ڀٽي صاحب جي چونڊيل اسيمبلي ٽوڙي ان کي گرفتار ڪري کيس ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. خود ڀٽي صاحب هن آئين تحت ادارا جوڙيا هئا نهن کي ڊاهي ڇڏيو. سرحد اسيمبلي ٽوڙي وئي، بلوچستان اسيمبلي ٽوڙي وئي بلوچستان تي فوج ڪشي ڪئي وئي جنهن ۾ 10 هزار کان مٿي بلوچن کي ماريو ويو. هن آئين تحت جن اڳواڻن ملڪ جي وفاداري جو حلف کنيو هو انهن کي ملڪ دشمن قرار ڏيئي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. سنڌ ۾ قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪونن کي گرفتار ڪيو ويو. هي سڀ عوام دشمن ڪاروايون آئين جي خالق ڀٽي صحب جي دور ۾ ٿيون، هي آئين جنهن جي آئيني جوڙجڪ ئي جمهوريت جي نالي ۾ جمهوريت دشمني ٿي هئي ۽ قومي خودمختياري جي نالي قوم دشمن ٿي هئي، هن ۾ پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو هو ۽ ان کي آئيني طور اهو حق ڏنو ويو هو ته هو پنهنجي عددي اڪثريت جي بنياد تي قومن تي حڪمراني ڪري ۽ انهن جي مٿان حاڪميت ڪري ۽ ان اڪثريت جي بنياد تي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي ڇو ته 73ع جي آئين جي آڙ ۾ پنجاب اهڙو اختيار حاصل ڪري ورتو هو. ون يونٽ جي دوران پنجاب کي اسيمبلي ۾ نمائندگي سٺ سيڪڙو هئي ۽ باقي ٽن صوبن کي چاليھ سيڪڙو نمائندگي ڏني وئي. هن آئين تحت هر صوبي جي هر ماڻهو کي اهو حق ڏنو ويو آهي ته هو ڪٿي به رهي سگهي ٿو، گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ روزگار ڪري سگهي ٿو ۽ صوبائي ملازمت لاءِ رڳو ٽن سالن جو شرط آهي. هن آئين تحت لکين ڌاريا سنڌ ۾ مستقبل طور آباد ٿيا. هن آئين تحت سنڌي رسالن تي بندش وڌي وئي ۽ سنڌ جي جلسن جلوسن تي پابندي وڌي وئي. هن آئين تحت قومن جي ڌار قومي وجود جي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو. پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني هيا يا اسلامي هئا، نه ڪا قوم هئي نهن و قومي ڪلچر هيو. هن آئين تحت قومون احساس محرومي جي هڪ وڏي آڙاھ ۾ وڃي ڪريون هن تحت عوام دوستي ۽ سوشلزم جي نالي ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداري کي تحفظ ڏنو ويو. هن آئين تحت مظلوم قومن جو وڏو نقصان ٿيو خاص ڪري سنڌ جو هن آئين تحت سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪري گهڻي ٿي ۽ روز گار جي وسيلن تي ڌاريا ماڻهو قبض ٿي ويا. وڏي ڳالھ ته سنڌ کي سياسي طور پنهنجي بچاءُ لاءِ ڌارين ماڻهن جي آبادڪاري خلاف پنجاب جي ظلمن خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ سياسي احتجاج کان محرومي واري حق سنڌي ماڻهن کي غلامي جي احساس محرومي ۾ ڌڪي شڪست ذهني طور خوره بڻائي قومي طور ويڳاڻو ۽ نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ـ