نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ۾ جيڪا سنڌ جي قومي ارتقا جيڪا ٿيڻي هئي ون يونٽ جي قيام ان جي نشونماکي روڪي ان کي وڏو ڇيهو رسايو. ۽ ان اُٿندڙ سياسي تحريڪ ۽ خود داري جي احساس کي مجروح ڪري ڇڏيو. ڦرلٽ ۽ گروهي مفادن جي بازار کي گرم ڪري هن نئين نظام تحت عوامي امنگ ۽ جهموريت جي بنيادي روح کي ڪچليو ويو. جنهن نه رڳو مقامي ۽ ملڪي بنيادي جھموريت ۽ انساني حقن ۽ اصلون جي نقي ڪئي وئي پر عالمي اصولن ۽ ويهينءَ صديءَ جي انهن انساني تقاضائن کان انڪار ڪيو جيڪي علامي بنيادن ٿي ڇڙو ڇڙ انسانيت جي تشڪيل ڪري رهيون هيون ـ
ون يونٽ جو قائم 1944ع واري قراردار 1943ع واري پاڪستان زيروليشن 1947ع جي آزاديءَ جي ايڪٽ، قوم متحده جي بيت الاقوامي ۽ بنيادي انساني اصولن قائداعظم جي چوڏهن نڪتن 1930ع جي ڪانفرنس جي مطالبن ۽ قرار مقاصد جي بنيادي مقصد ۽ مفهوم جي ۽ 1943ع جي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءِ خلاف هو. ان سان نه ملڪي ليلو تي نه پاڪستاني قوم ۾ يڪجهتي پيدا ٿي سگهي نه پٺ تي پيل صوبن کي ترقي ميسر ٿي سگهي. ننڍن صوبن جون راهون بند ٿي ويون، انهن جي آ زادي مفلوج ٿي وئي، تعليمي ادارا تباھ ٿي ويا، اقتصادي برحالي چوٽ چڙهي وئي. اباڻن پٽن ۽ زمينن جا وارث ٻيا ڌاريا ٿي ويا ملازمتن ۾ هنن کي ڪو تحفظ ڪونه ڏنو ويو انتظامي معاملن ۾ هنن کي صفا پٺ تي ڌڪيو ويو. اصل ۾ ون يونٽ ننڍن صوبن جي وسيلن، انهن جي واپار نوڪرين ۽ زمينين تي قبضي لاءِ ئي ٺاهيو ويو هو. سنڌ جي ڪارخانن، ادارن، بينڪن، دوڪانن، واپار ۽ منڊين لاءِ ٻاهران، پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجر رکيا ويا. هڪ طرف سنڌ جو روزگار کسيو ويو ته ٻئي طرف سنڌ جي آبادي جو توازن بگاڙيو ويو. ون يونٽ وقت سنڌ سيڪريٽريٽ کان سنڌي آفيسرن کي هٽائي اتي غير سنڌين کي رکيو ويو. سنڌ جي اٽڪل 80 ڪروڙ روپين جي سرڪاري خرچ سان ٺهرايو ڪوٽڙي بئراج جي رستي ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين جاين جي سنڌ جي سڌاريل زمين غير سنڌين، پنجابين، پٺاڻن، ملٽري ۽ سولو سروس آفيسرن کي ڏني وئي ۽ ڪيترن سنڌين سينئرن آفيسرن کي هٽائي انجي جاءِ تي جونيئر پنجابي پٺاڻ ۽ مهاجر آفيسرن کي مکيه عهدن تي پرموٽ ڪيو ويو ـ
سنڌ جي سرڪار طرفان جابلو ۽ ٿر جي ايراضين کي سڌاري لائق بنائڻ لاءِ 33 ڪروڙ رپيا رکيا ويا جي ون يونٽ جي تحت مرڪزي آفيسرن جي حوالي ڪيون ويون. مکيه سنڌ جي عهدن تي غير سنڌي آفيسرن کي رکي سنڌي کي زبردست نقصان پهچايو ويو. اقتصادي معاملن سان واسطو رکندڙ کاتن ۾ غير سنڌي آفيسرن کي رکي سنڌ جو مالي استحصال ڪيو ويو. سنڌ جي واپار ۽ ڪارخانن تي غير سنڌين هڪ هٽي قائم ڪئي وئي. سنڌ جي اسپتالن، ريلوي اسٽيشن، ڪاليجن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ ٻين جاين تي غير سنڌي نالا رکي سنڌ جي روايت ۽ ڪلچر کي ڪچليو ويو. اردو زبان کي ملڪ جي قومي زبان بڻائي سنڌي ٻوليءَ کي خود سنڌ جي مقامي ادارن ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ڪرا چي يونيورسٽيءَ مان سنڌي زبان کي خارج ڪيو ويو. سنڌ چاهي ٻين مظلوم قومن ۽ صوبن پاران اٿاريل جائز مطالبن کي آوازن کي علاقائي، قوميت، ملڪ دشمني انتشار پسندي ۽ اسلام دشمني چئي انهن جي اظهار تي پابندي هڻي. سنڌي، بلوچ، بنگالين ۽ ٻين قومن جي قومي وجود زبان ڪلچر کي اسلام، مسلم قوم ۽ پاڪستان جي نالي هڪ هٽي ۽ سامراجيت قائم ڪئي وئي. سنڌ جي تعليم ادارن مان سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني وئي جنهن تان سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو ۽ نيٺ 4 مارچ تي سنڌي شاگردن تي گوليون هلائي ڪيترن کي رتوڇاڻ ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو ـ