The war of arab in Sindh (Arab looters)

The war of arab in Sindh (Arab looters)


راجا ڏاهر جي ملڪ ۾  رواداريءَ سبب سڀني مذهب جا ماڻهو رهندا هئا ۽ انهن کي  مذهب آزادي حاصل هئي. اتي هندن جا مندر هئا. پارسين جا آتشڪدا هئا، ٻڌ ڌرم وارن جا اسٽوپا ۽ خانقاهون هيون. جين ڌرم وارن جا مندر هئا، ۽ مسلمانن جون مسجدون هيون. هوڏانهن، بني اُميه جي عرب حاڪمن جي اها حالت هئي، جو هنن رسول جي اولاد کي به اختلاف راءِ يا بيعت نه ڪرڻ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو .سندن ظلم اظهرمن الشمس هئا. ان ڪري کين هيءُ رحمدل راجا، ڪهڙيءَ طرح آيل سامون موٽائي ڏيئي سگهيون ٿي. راجا ڏاهر ته خود امام حسين کي چوائي موڪليو هو ته جيڪڏهن عربن جي ملڪ  ۾ کين امن سان رهڻ نٿو ڏنو وڃي، ته سنڌ ۾ اچي پناھ وٺي سگهن ٿا. امام حسين رضه جو، سندن اهل النساءِ سميت، ڪوفي کان سنڌ طرف اچڻ جي ويچار ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ اهو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد، پنهنجي  ڪتاب ” انسانيت موت جي دروازي تي “ ۽ مولانا سيد سليمان ندويءَ، پنهنجي ڪتاب ” عرب و هند ڪي تعلقات “ ۾ لکيو آهي، ته امام صاحب يزيد جي عملدارن کي چيو هو ته کيس اجازت ڏني وڃي ته هو سنڌ طرف هليو وڃي. ان ڪري، مٿيان دليل يزيدي طرفدارن طرفان پيش ڪرڻ بي بنياد عذر آهن. سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ، عربن طرفان اهو پهريون حملو نه هو، پر عرب سامراج قائم ڪرڻ لاءِ حضرت عمر رضه جي ڏينهن کان وٺي حملا شروع ڪيا ويا هئا، هن آخري حملي کان اڳ چوڏهن حملا، سامراج جي فروغ لاءِ ٿيل هئا، ۽ هيءَ حملو پندرهون هو. عرب سامراج جي طرفدارن جي جواب ۾ ان مسئلي تي روشني وجهڻ واسطي، مختضر طرح  انهن چوڏهن حملن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو : ـ 
 پهرون حملو: هيءَ حملو، عرب حاڪمن مان ٻئي حاڪم (خليفي) حضرت عمر جي زماني ۾ عثمان  بن ابن عاصي نعفي، بحرين ۽ عمان جي واليءَ ڪو ويو. هن سنڌ طرف حملو سمنڊ رستي ڪيو هو. جهاز بمبمئيءَ جي طرف ٿاڻي شهر وڃي نڪتا. اتان اهي ڦرلٽ ڪري واپس موٽيا. ان ڦرلٽ (مال غنيمت) مان حضرت عمر کي حصو موڪليائون، جو هن وصول ڪري، عثمان بن ابي عاصيءَ کي هدايت ڪري موڪلي ته سمنڊ رستي جهازن ۾ لشڪر چاڙهي موڪلڻ خطريکان خالي نه هو، جو هن پاڻ اڳي رومي حڪومت خالف، جهازن ۾ لشڪر چاڙهي موڪليو هو ۽ سمورو ٻيڙو لشڪر سميت طوفان لڳڻ  سبب تباھ ٿي ويو هو، ان ڪري هن قسم کڻي، عام حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته آئيندي سمنڊ رستي جهازن ذريعي حملا نه ڪيا وڃن.  حضرت عمر  رضه جي ان پيغام جا ڪجھ لفظ هي هئا ”اي برادر : هي فوج، جا تو ٻيڙيون رستي رواني ڪئي هئي، ان جو مثال اهڙو هو، جيڪڏهن اهي لشڪري ڪنهن آفت جو شڪار ٿي وڃن ها، ته ان جو عيوض آءُ تنهنجي قوم کان وٺان ها“ (فتوح البلدان) ـ
ٻيون ۽ ٽيون حملو: حضرت عمر زبردست حاڪم هو، هن  جي حڪم کان انحرافي خوفناڪ جرئت جو ڪم هو. پر جنهن صورت ۾ عرب سردارن ۽ سندن ماڻهن ۾ ڦرلٽ وسيلي مال غنيمت حاصل ڪرڻ جو شوق سمايل هو ۽ اهو سندن ڌنڌو ٿي پيو جهازي ٻيڙي واري لسڪر جو سپھ سالار مقرر ڪري، حضرت عمر جي حڪم جا نحرافي ڪندي، سنڌ طرف موڪلي ڏنو، جن ديبل بندر تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي، ان جي ٻئي ڀاءُ، حڪم، وري ڀروچ (گجرات) جي شهر تي حملاڪري، ڦرلٽ ڪئي، مغيره ديبل جي ڪاھ ۾ مارجي ويو. انهن حملن مان کين گهڻو فائيدو نه ٿيو. اهي حملا، 15 هجريءَ ڌاري، حضرت عمر جي دور حڪومت ۾ ڪيا ويا هئا ـ
حضرت عمر جي مسند نشينيءِ جي نائين سال، 21 هجريءَ ۾ سخت لڙاين کان پوءِ نهاوند، ايران جو پرڳڻو، فتح ڪيو ويو. 22 هجريءَ ۾ عرب لشڪر اڳتي وڌي همدان، دماوند ۽ خراسان تي قبضا ڪيا. انهن ملڪن جي فتحن مان ڪيترا خزانا، غلام ۽ ٻانهيون مال غنيمت طور عربن کي هٿ آيا. ان وقت باقي ٽن ملڪن جي فتح ڪرڻ جو ڪم رهجي ويو، جي هئا : سيستان، ڪرمان ۽ مڪران انهن ٽنهي ملڪن جي فتح ڪرڻ ڪرڻ لاءِ 22 هجريءَ ۾ مسلسل حملا ڪرايا ويا، ڇو ته اهي ايرانين جي عظيم سلطنت جا باقي رهيل حصا هئا، انهن کي فتح ڪري ڦرلٽ (مال غنيمت) ۾ مال ملڪيت، غلام ۽ ٻانهيون هٿ ڪيون ويون ـ

انهيءَ وقت مڪاني ماڻهن کي پتو پئجي ويو هو ته عربن جي حملي جو خاص مقصد ڦرلٽ ڪري، مال غنيمت هٿ ڪرڻ بعد موٽي وڃڻ هو، تنهن ڪري هو هنن (اسلامي ڊاڪن) جي حملن وقت وڃي ڪٿي لڪا ٿي . جڏهن عرب ڦرلٽ ڪري واپس ويا ٿي، ته مڪاني ماڻهن لڪڻ وارين جاين تان موٽي اچي وري پنهنجي ملڪن تي قبضو ڪيو ٿي. انهيءَ سر گذشت کي ڏسي، عربن 23 هجريءَ ڌاري وڌيڪ فوجون موڪليءَ، انهن ملڪن تي نئين سر ڪاهون ڪيون، ڇاڪاڻ ته عربن جو مقصد صرف ڦرلٽ ڪري مال هٿ ڪرڻ نه هو، پر انهن ملڪن تي پنهنجو سامراجي راڄ قائم ڪري، انهن جو استحصال ڪرڻ به هو، جيئن انهن ملڪن جي پيدائش مان سندن حڪومت ۽ ماڻهن لاءِ دائمي پيدائش حاصل ڪندا رهن، ان واسطي هنن هڪ طرف، سهيل بن عدي ۽ عبدالله بن عقبان کي لشڪر ڏيئي، ڪرمان تي حملو ڪرائي ان کي قبضي هيٺ آندو، ۽ ٻئي طرف حڪم بن عمرو ۽ عبدالله بن عمرو وڃي سيستان کي تابع ڪري، انهن تي ڍلون مڙهي، اتي دائمي عرب بيٺڪ قائم ڪئي ـ

انهن ٻنهي ملڪن جي فتح ڪرڻ بعد حڪم بن عمرو تفلبي، مڪران طرف ڪاهيو ته ان سان شهاب بن مخارق ۽ مٿي ذڪر ڪيل سيستان ۽ ڪرمان جي فتح ڪرڻ وارا ٻئي سردار اچي شريڪ ٿيا. ان تي مڪران جي حاڪم (جي ”رتييل“ سڏبا هئا) سنڌجي راجا کان مدد طلب ڪئي، جنهن سندن مدد ۽ لسڪر چاڙهي موڪليو. ان جنگ ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته مڪران جو حاڪم ۽ سنڌ جي فوج جو سپھ سالار شڪست کائي قتل ٿي ويا. ان جنگ ۾ عربن تمام گهڻي قتل و غارت ۽ ڦرلٽ ڪئي، ۽ ڦرلٽ مان پنجون حصو حضرت عمر کي ڏياري موڪليو، جنهن جي ملڻ تي، ان وقت تختگاھ مديني ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ۽ ان مال غنيمت کي بيت المال ۾ داخل 
ڪيو ويو. (ابن الير) ـ
ان ڳالھ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڦرلٽ ملڻ تي عربن کي ڪيتري نه خوشي ٿيندي هئي ، ڇو ته انهيءَ تي سندن گذران هو. اهي حاڪم، جن کي اسلام جو خليفو راشد ٿي سڏيو ويو، سي خودان طرح جي مال هٿ ڪرڻ لاءَ ڪوشان هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مال آڻيندڙ صحابي جڏهن حضرت عمر کي ان ملڪ تي قابض ٿيڻ جون مشڪلاتون بيان ڪري ٻڌايون. ته ان تي حضرت عمر ان طرف وڌيڪ حملن ڪرڻ کان منح ڪري ڇڏيو 23 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ حضرت عمرقتل ٿي ويو ۽ 3 محرم 24ھ تي سندس جاءِ تي حضرت عثمان کي نامزد ڪري، حاڪم (خليفو) بنايو ويو. امير عثمان، سندس حڪومت جي ٻئي سال، ڪابل طرف فوجون موڪليون، سيستان، ڪرمان ۽ مڪران ته اڳئين دفعي فتح ٿي چڪا هئا. پر جئين اڳي ظاهر ڪيل آهي ته اتي جي ماڻهن جو دستور ٿي ويو هو ته جڏهن عرب فوجون ڦرلٽ ڪري واپس موٽنديون هيون ته هو وري ملڪ تي پنهنجو قبضو ڪري وٺندا هئا، هنن ماڻهن کي پوريءَ طرح مطيع ڪرڻ لاءِ ابن عامر خراسان ۾ تيار ويٺو هو. تنهن عبدالرحمان بن سمره کي سيستان جو والي مقرر ڪري، اوڏانهن روانو ڪيو. جنهن وڃي زرنج تي گهيرو ڪيو ۽ شهر وارن مجبور ٿي اطاعت قبولي ـ
جي چتائي ڏسبو ته انهن خلفاءِ راشدين جي دور ۾ ئي اسلام جا مُکيه مقصد :صلح سلامتي، جملي مذهبن جي پيغمبرن ۽ ڪتابن تي ايمان آڻڻ زور زبردستي ۽ جبرو و تشدد کان پاسي رهڻ ، ماڻهن جي آزاديءَ ۽ ملڪيت کي نقصان نه پهچائڻ _ ختمٿي چڪا هئا، ۽ اسلام کي عرب سامراج جي فروغ ۽ وسعت لاءِ هٿيو بنائي، ڊاڪازني ۽ ملڪ فتح ڪرڻ جو دين بنايو ويو هو. ماڻهو انهن ڳالهين تي اهڙا هري مري ويا هئا، جوان ڦرلٽ کي جهاد ۽ ان مان حاصل ڪيل مال ۽ غنيمت سڏڻ ،ان ڪم ۾ جنگ ڪرڻ مرڻ کي شهادت چوڻ ، ۽ پراين زالن کي زوريءَ هٿ ڪرڻ کي جائز سمجهڻ لڳا هئا. ان جو اثر اهڙو ويهي ويو، جو اڃا تائين ماڻهو اهڙن ڪمن کي عين اسلام سمجهي رهيا آهن. ۽ اهڙي پاليسي رائج ڪندڙن کي خلفاء راشدين سڏي، انهن جي پيرويءَ کي 
مثالي سڏين ٿا ـ
چوٿون حملو : عبدالرحمان بن سمره (صحابي رسول) زرنج کان وڌي، سنڌ جي انهن ٽڪرن تي قبضو ڪيو، جي زرنج ۽ ڪيش جي وچ ۾ هئا. خشڪيءَ رستي کان جڏهن عرب لشڪر سنڌ جي سرحد تي پهتو، ته سنڌ جو اهو حصو عربن جي قبضي هيٺ آيو، جيڪو حصو هن وقت سنڌ ۾ نه آهي، بلڪ بلوچستان جي اتر الهندي حد طرف آهي. تن ڏينهن ۾ هيءَ سارو ملڪ سنڌا نر شمار ڪيو ويندو هو. ان وقت جاگرافيءَ ۾ ڪوبه ملڪ بلوچستان جي نالي سان نه سڏيو ويندو هو. مڪران ۽ سيستان سان سنڌ جون حدون مليل هيون ـ
پنجون حملو : جڏهن عربن جي ٽئين حاڪم (خليفي) حضرت عثمان رضه کي عربن ۾ ناراضگيءَ پيدا ٿيڻ ڪري، سندس گهر ۾ هڪ هجوم گهڙي قتل ڪيو ته ان جي جاءِ تي حضرت علي 35 هجريءَ ۾ حاڪم (خليفي) مقرر ٿيو. ان جي ڏينهن ۾ به سنڌ جي سرحد تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ مقرر هو، جنهن سان گڏ حارث بن مره عدي به هو، جن فوج ڪشيءَ لاءِ ضروري سامان ڪٺو ڪري، 38 هجريءَ جي آخر ۾ بهمرج ۽ ڪوھ پايه جي طرف کان اچي قيقان تي حملو ڪيو، چوڻ ۾ اچي ٿوته اتي ويھ هزار پهاڙي فوجن ساڻن مقابلو ڪيو، پر هي انهن تي فتح حاصل ڪري مال عنيمت سان ڀرپور ٿي واپس موٽيا (چچنامو ۽ فتوح البلدان) ـ
ڇهون حملو : مٿي ذڪر ڪيل پنجين حملي کان پوءِ وري حارث بن مره عديءَ ، جو اڳئين حملي ۾ فتح پائي، مال هٿ ڪري سگهيو هو، سنڌ طرف حملو ڪيو. ان وقت حضرت عليءَ جي شهادت جي خبر هن کي پهتي ، پر جنهن صورت ۾ هن جو مقصد عام عربن وانگر ڦرلٽ ڪرڻ هو، ان ڪري هن دل نه هاريءَ جنگ ڪئي ۽ خراسان جي ويجهو قيقان جي ڀر ۾ قتل ٿي ويو. سندس رفيقن مان ٿورا بچيا، ٻيا سڀ قتل ٿي ويا. اوڏانهن حضرت عليءَ جي جاءِ تي امير معاويه حڪومت جي واڳ سنڀالي ( فتوح البلدان) ـ
ستون حملو : امير معاويي حڪم ٿيڻ بعد ، سگهوئي بصري جي واليءَ عبدالله بن عاصر ۽ راشد بن عمر کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جن ان طرف کان گهڻو ڦرلٽ جو مال (مال غنيمت) هٿ ڪري اچي هن کي پهچايو ـ
اٺون حملو : امير معاويي، 42 هجريءَ۾ عبدالله بن عاصر ۽ عبدالله سوارعبديءَ کي وري ٻئي دفعي سنڌ ڏانهن حملي لاءِ روانو ڪيو، جن قيقان تي حملو ڪري، فرلٽ جو گهڻو سامان هٿ ڪيو ۽ ان سان گڏ قيقان جا ڀلا گهوڙا هٿ ڪري امير معاويه کي پيش ڪيا، جن تي هوڏاڍو خوش ٿيو ـ
نائون حملو : عبدالله عامر ڪجھ وقت دمشق ۾ رهي، وري ٽئين دفعي قيقان جو رخ ورتو. ليڪن هن دفعي هن جو مقابلو ترڪن جي هڪ ٽولي سان ٿيو، جي ان طرف ڦرلٽ لاءِ آيا هئا، انهيءَ مقابلي ۾هيءَ ۽ سندس رفيق قتل ٿي ويا. چچنامي واري لکيو آهي ته امير معاويي عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ڏيئي سنڌ ڏي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو ۽ کيس حڪم ڪيو هئائين ته اڳي جهرا آندل قيقان جا گهوڙا به هٿ ڪن، پر ان ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهين (بلاذري) ـ
ڏهون حملو : سن 44 هجريءَ ۾ مهلب بن ابي صفره ( جو عبدالرحمان بن سمره جي فوج جو نامور سردار هو ) سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ عام رستي کي ڏکيو سمجهي ، جبلن جي طرف کان حملو ڪيو. هيءُ قندابيل جي اچي جنگ لڙيو ۽ خوب ڦرلٽ جو مال هٿ ڪري واپس موٽيو ـ
يارهون حملو : هيءَ حملو به ساڳيء مهلب، قنداٻيل جي طرف ڪيو، جيتوڻيڪ سنڌ جو رستو بلڪل علحيده هو. عبدالله بن سوار جي قتل ٿيڻ تي سيستان جي واليءِ زياد بن ابي سفيان، سنان بن مسلم بن محبق هزلي سنڌ ڏي روانو ڪيو. هن مڪران طرف ڦرلٽ ڪري، ان تي قبضو ڪري، مال حاڪم (خليفي) کي موڪليو ـ
ٻارهون حملو : ان کان پوءِ زياد سنڌ جي ڪناري وارن ملڪن تي راشد بن عمر جوبري ازديءَ کي روانو ڪيو. هن وري قيقان تي حملو ڪيو . اتان ڍل وصول ڪري، ساروسال اتي ڦرلٽ جون ڪارروايون ڪري پوئتي موٽي رهيو هو، ته مندر ۽ بهرج جي پهاڙين وٽ ميد قوم جو جبلو ماڻهن مٿس زبردست حملو ڪري، کيس قيد ڪري ڇڏيو. ان جي جاءِ تي سنان بن مسلمه مقرر ٿيو، جو به ان طرف جي ماڻهن سان لڙائي ڪندي مارجي ويو. (چچنامو) ـ
امير معاويي جي پوئين وقت 49 ھ ۾ زياد بن عباد، سيستان جي رستي کان سنڌ جي سرحد تي حملي ڪرڻ لاءَ نڪتو، جنهن سنارود تي پهچي رودبار هلمند جي واٽ ورتي، ۽ اُتان قنڌار پهچي، ڦرلٽ ڪري، واپس موٽيو ـ
تيرهون حملو : سنان بن مسلمه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ منذر بن جارود مڪران جو والي بنجي، سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي، هن والي بنجڻ شرط قيقان تي فوج ڪشي ڪئي، پوءِ قصدار کي فتح ڪيائين. اڃا اڳتي مس وڌيو هو، ته پويان بغاوت جي خبر ٻڌي، موٽي قصدار ۾ رهي پيو ۽ اُتي وفات ڪيائين، مندر بن جارود کان پوءِ عبدالله بن زياد (جو ان وقت پيءُ جي جاءِ تي بصري جووالي مقرر ٿيو هو) سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ منذر بن حارث بن بصر کي مقرر ڪيو، پر هو روران ۾ پهچڻ بعد بيمار ٿي، مري ويو، ان بعد ان جو پت حڪم ان ڪم لاءِ مقرر ٿيو (چچنامو) ـ

چوڏهون حملو : حڪم کان پوءِ ان ابن زياد ٻئي سردار بن حريءَ کي سنڌ جي سرحد تي جنگ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن سنڌين سان خراب لڙايون ڪيون ـ
مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کي مدنظر رکي، پڙهندڙن کي صاف معلوم ٿيندو ته عربن جون لڙايون، اسلام جي پکيڙڻ، راجا ڏاهر ي چورن کان مال موٽرائڻ يا محمد بن علفيءَ (جنهن سنڌ ۾ حجاج بن يوسف جي ظالم کان پناھ ورتي هئي) جي واپس ڪرائڻ لاءِ نه ٿي لڙيون ويون، پر عرب سامراج جي حملن جو دستور، جيڪودنيا جي مکيه سکين ستابن ملڪن تي قبضي قائم ڪرڻ لاءِ، مذهب جي نالي ۾، حضرت عمر وقت جي وقت کان شروع ٿيو هو، ان جو نتيجو هيون. شام، عراق، مصر ۽ ايران جا مالڪ، عربن جي ڀر ۾ متمدن، مهذب ۽ شاهوڪار ملڪ هئا. انهن کي قبضي ۾ آڻن بعد، سنڌ جي شاهوڪاريءَ جي هاڪ ٻڌي، ان کي قبضي هيٺ آڻڻ لاءِ عربن کي گهڻي وقت کان سڌ هئي، پر ملڪ پري ٿي پيو هو، وچ ۾ رڻ ۽ جبلن هئڻ ڪري ترت فتح ٿي نه سگهيو هو، جنهن کي هاڻ طاقتور ٿيڻ بعد محمد بن قاسم کي موڪلي فتح ڪرايو ويو ـ
عرب سامراج جو مقصد، انهيءَ زماني جي ٻين حاڪمن وانگر ملڪگيري ۽ مال ملڪيت هٿ ڪرڻ جو هو. هنن عرب حاڪمن يا سندن سپاهين (مجاهدن) جو اسلام جي حقيقي تعليم پکيڙڻ سان ڪو واسطو نه هو، نه ئي صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي صحيح تعليم ۽ تربيت مال واقف هئا. هنن جي فتوحات جو اصل مقصد، عربن کي مذهب جي نالي ۾متحد رکي، ٻين ملڪن ۽ ماڻهن کي ڦري ۽ اتان محصول وصول ڪري، انهن کي عرب سامراج هيٺ آڻي، سنسن استحصال ڪرڻ هو، مذهب جي صحيح روح سان _ جو محبت، اتحاد انساني، امن ۽ سلامتي هو. هنن ڦورو، ظالم ۽ جاهل ماڻهن جو ڪو واسطو نه هو. بلڪ جي ائين چئجي ته بجاءِ ٿيندو ته جن ملڪن تي عربن حملا ڪري قبضا ڪيا ٿي. جهڙوڪ شام، عراق، مصر، ايران ۽ سنڌ _ سي هنن کان زياده مذهب، متمدن، مذهب جا ڄاڻو ۽ ذاتِ خداونديءَ جا پوئلڳ هئا. ترقي يافته مذهب، تهذيب ۽ تمدن جي پيداوار ٿئي ٿو. عرب جي اڪثريت غير مهذب ۽ بدويانه هئڻ ڪري، صحيح طرح سلامتيءَ واري دين کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهي ٿيندو ته هنن جي حملن جا محرڪ جذبا فقط ڦرلٽ، شهوت پرستيءَ سبب ٻانهين هٿ ڪرڻ جي خواهش ۽ خون آساميءَ جي خواهش هئا ـ

                              حوالو : جي ايم سيد  
                      ڪتاب : سنڌو جي ساڃاھ
                                      پيج نمبر : 53
                        ڇاپو : ٽيون، اپريل 2010ع 
ڇپائيندڙ : جي. ايم. سيد اڪيڊمي سن سنڌ