QUESTIONNAIRE - School of Thought

سائين جي ايم سيد جي پيروڪار ۽ فڪر تحت هلندڙ پارٽيون الڳ الڳ ڇو؟

سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي جي پيروڪار سڀني موجوده تنظيمن ۽ سندن اڳواڻ، باشعور ۽ باضمير ڪارڪنن، سڄاڻ ۽ خيرخواھ سنڌ جي مختلف ڪرت ۾ رڌل ۽ پاتال جي ڪنهن ڪنڊ ۾ دنيا کان اوجهل، پنهنجي معاشرتي بيمارين تي پنهنجي ليکي نجي ڪچهرين ۾ ڌاڙ پٽڪار ڪندڙ، صرف پين تي ڇوھ ڇنڊڻ سان پنهنجو پاڻ کي سنڌ جو سپوت سمجهڻ ۽ ڌرتي ماتا جو حق ادا ڪري ڇڏڻ جي وهمن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ سڀني سياسي، سماجي ۽ مختلف کيترن جي ڪارڪردگي ۾ رُڌل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو، سنڌ جي قوم پرست تنظيمن، اڳواڻ ۽ ڪارڪنن طرف جارحان رويارکندڙ ماڻهن جي سوچ پٽاندڙ گهرجن کي ويچارڻ ۽ سڀ کان مٿاهين/مهان سنڌ جي سيڌ ۽ لڄ جي پئماليتي سندس اولاد جي فرض ۽ قرض جي ادئگي ۽ وقت جي ضرورت سان مطابقت رکندڙ دائويدار متحرڪ قوتن ۽ تنظيمن کان سنڌي قوم جو معصوم ۽ مظلوم، هر مرد ۽ عورت، خاص طور تي سنڌ جو نُوجوان پنهنجي تازن جزبن سان سرشار، زندگيءَ جي باڪي سفر ۾ ڪجھ ڪرڻ ۽ ٿيڻ جي تمنائون رکندي ۽ ايندڙ پيڙهي جي وارثن جا ڪجھ سوال قومي سفر جي پانڌيئڙن جي تفڪر لاءِ پيش ڪجن ٿا ـ
سوال نمبر 1 : پاڪستان جي تاريخ ۾ غيرجانبدار اليڪشن ۽ انجي تنتيجي ۾ عوامي ليگ جو اڪثريتي پا رٽي طور اليڪشن ۾ کٽي اچڻ جي باوجود، ان پارٽي جي سرواڻ شيخ مجيب الرحمٰن کي جيل ۾ بند ڪرڻ، مشرقي پاڪستان ۽ بنگالين جي ضرورت محسوس نه ڪندي، فوج ڪشي ڪرڻ جي عمل کي سائين جي ايم سيد دنيا جي وڏي ۾ وڏي ننگي دهشتگردي سمجهندي ۽ ان عمل کي قرار ڏيندي، پاڪستان جي فيڊريشن کي جئلسازي سمجهندي، جهن منجھ هڪ قوم پنهنجي طاقت (فوج) جي زور تي باق قومن کي غلام بنائي رکڻ جي حقيقت پسندي کي محسوس ڪندي، انجو احساس ۽ فڪر سڄي قوم منجھ اجاگر ڪندي ته سنڌي قوم هڪ الڳ جداگانا حيثيت رکڻ جي باوجود، غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ـ انجو حل صرف ۽ صرف آزاد سنڌوديش منجھ آهي ـ انڪري سنڌي قوم کي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڇا سڀئي پيروڪار تنظيمون ان فڪر تي عمل پيرا آهن ؟
سوال نمبر 2 : تقريبا (40) چاليھ سال گذرڻ کانپوءِ اسين (11 تنظيمون) تيار آهيون ته پنهنجي احتساب ڪريون ته ، هن سڄي عرصي ۾ ڇا وڃايو آهي؟ ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي؟ ۽ ايندڙ وقت جون گهرجون ڪهڙيون آهن؟
سوال نمبر 3 : ڇا اسانکي (11 تنظيمون) پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي ته : بين الاقوامي سياست ترقي يافته ملڪن، ٺيڪيدار ملڪن جا طورطريقا، محور ۽رستا ۽ حاصلات دنيا ۾ رهندڙ ملڪن ترقي پزير، ”محتاج ملڪن“ ۽ قومن لاءِ ڪهڙا آهن؟ خصوصا سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ٻاهرين قومن متعلق ۽ اسان جي ڪردار سان گڏ ڪارڪردگي ان سڄي پسمنظر ۾ ڪٿي ٻيٺو آهي؟ يا بيهڻ گهرجي پيو؟
 سوال نمبر 4 : سڄي سنڌ ۾خصوصنا ڪراچي ۽ وڏن شهرن ۾ پاڪستان ۽ دنيا مان ايل پناھ وٺندڙ قومن جي خواهش، تنظيم سازي، هٿيار بند جدوجهد ۽ منزل جوتعين ڌرتي ڄاين (سنڌ ۽ سنڌين) جي تناظر ۾ ڪهڙي آهي؟ مٿين سڀني جماعتن جو ادراڪ گهربل حالتن پٽاندڙ ۽ جديد نظرياتي سوچ مطابق آهي؟
سوال نمبر 5 : ڇا اسانکي (11 تنظيمون) پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي ته : ـ
اسان سڀني جو رهبر هڪ سائين جي ايم سيد آهي؟ يا (9) نون الڳ الڳ رهبر آهن؟ ڇا اسان سڀني سڄاڻ ڪارڪنن ۽ هڏ ڏوکي، ايماندار، محب سنڌ، ورڪرن لاءِ سوچڻ جو مقام آهي؟ (ذميوار جو مرڪزي نقطو، سنڌ سيد، تنظيم ۽ جدوجهد هجڻ گهرجي.
فارمولو چوي ٿو : سچائي + عزم +عوام + جدوجهد = آزادي جيڪڏهن ها، ته پوءِ ڇو نٿا سوچو؟
سوال نمبر 6 : ڇا هنن (11) يارهن تنظيمن جي سڀني سرواڻن کان سندن تنظيم جي سچاڻ، هڏڏوکي ڪارڪنن، خيرخواھ انسانن ۽ سڄي سنڌي قوم جي معصوم، پيرهيل ۽ مظلوم مٽي هاڻن ماڻهن کي ڪيتري عرصي کان دلين ۾ وسوسا، وهم ۽ مختلف خيالن جا انبار اهن ته !!!!! ـ
آخر هي سڀ تنظيمون ڪهڙن سببن جي ڪري ڌار ڌار حيثيت ۾، جدوجهد ڪرڻ ۾ يقين رکندي سنڌ جي مسئلن جو هل تلاش ڪري رهيون آهن؟ ۽ منزل جي حاصلات ۾ڪئين پراميد آهن؟ ڇا ان فلاسافي تي هڪ دفعو ٻيهر سوچ ۽ فڪر ڪرڻ جي صرورت آهي ؟
سوال نمبر 7 : ڪئي سامراجي قوتن پنهنجي مڪروه سازشن ذريعي، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي وسيلن تي ناجائز قابض ٿيڻ خاطر، اسان جي مخلص، بهادر ۽ قربانين سان سرشار مسلسل جدوجهد ڪندڙن کي ذاتي لالچ ۽ لوڀ ، حرص ۽ هوس، خوف ۽ حراس ۽ رياستي ڏاڍ ۽ جبر ذريعي ٽڪڙن ۾ ته نه ورهائي ڇڏيو آهي؟
سوال نمبر 8 : ڪٿي ائين ته ناهي اسان جا سرواڻ (قومپرست) پنهنجي ذاتي مفادن ۾ الهجهي ڪري وقتي طور قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح پيا ڏين ۽ اصل مقصد کان پري ٿيندا پيا وڃن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اڄ جي سنڌ ۽ سنڌي قوم اهڙي
سوچ ۽ فڪر جي متحمل آهي؟
سوال نمبر 9 : ڪٿي ائين ته نه آهي  اسان جا سرواڻ ڪارڪن، ورڪر، ۽ مجموعي طور سڄي قوم مسلسل حق تلفي، بک بيروزگاري، ناانصافي جون حدون پار ٿيڻ، بي يارو مددگار، تنظيم سازي جي اڻاٺ، قابليت جو فقدان ۽ هميشه ٻئي تي ڀاڙڻ واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهڻ سبب خود اعتمادي وڃائي ويٺا آهيون؟
سوال نمبر 10 : ڇا اسان جي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام نه آهي ته اسان جي غير سنجيده روين جي ڪري، موجوده بين الاقوامي سياسي تناظر جي روشني ۾ سنڌ ۾ مسلسل دنيا مان لوڌيل قومن جي فردن جي آبادڪاري سبب اسان پنهنجا شهري علائقه وڃائي ويٺا آهيون؟ ۽ پنهنجن سڀني وڏن شهرن ۾ پاڻ کي ڌاريو محسوس ڪرڻ لڳا آهيون؟ ان جي سدِ باب لاءِ مٿين گروپن عملي طور ڌاري آبادڪاري کي ڪهڙو بند ٻڌو آهي؟
سوال نمبر 11 : دنيا جي ڪنهن به ملڪ، ڪا به زبان ڳالهائيندڙ قوم، پنهنجي قوم جي فلاح، بهبود، بهتري ۽ حقوق جي حاصلات لاءِ مختلف ۽ قريب قريب هم خيال سياسي، سماجي جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جي وچ ۾ مختلف اختلافي نقطن جي حل لاءِ ڳالھ ٻولھ جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن. ۽ اهو سياست۾ بهترين عمل ليکيو ويندو آهي. ڇو ته دنيا ۾ ويڙھ کان پوءِ به ڳالھ ٻولھ جي ذريعي ئي قاعدن ۽ ذابطن جي زنجيرن جي مالها ٺاهي ويندي آهي. جيڪا ڌرين جي ضمانت جو سسب هوندي آهي. هرعمل جي آخر، ڳالھ ٻولھ هوندي آهي. اسان جي مٿين (11) تنظيمن سنڌ جي خاطر پنهنجي اختلافي نقطن کي ختم ڪرڻ، يا گهٽ مان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ نقطن تي اتحاد ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوشش ڇو نه ڪئي آهي؟ سنجيده ڪوشش نه ڪرڻ جا ڪهڙا بنيادي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟
سوال نمبر 12 : مٿين (11) تنظيمن منجهان اڪثريت جماعتن لاءِ ته اهو به خيال آهي جيڪو سچ آهي ۽ آئينو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي( اسان جو ڪنهن به ساٿي اڳواڻ، ڪارڪن يا جماعت جي دل آزاري ڪرڻ مقصد نه آهي. اسان اڳواٽ سندن معذرت خواه آهيون ) ته هي ثانگا جماعتون پنهنجي ذات ۾ رستم سهراب بڻيو ٿيون وتن جن کي پنهنجي خبر به نه آهي اهي هليون اهن سنڌ کي آزاد ڪرائڻ. آزادي جي مقصدن ۽ انجي حاصلات کي سمجهڻ لاءِ سڀني کي، آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بين الاقوامي ملڪن ۽ قومن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪٿي اسان نا سمجهي سبب سائين جي ايم سيد ۽ انجي فڪر ۽ فلسفي جو توهين ۽ تذليل جا مرتڪب نه ٿي پئون يا ٿي رهيا آهيون ـ هن جماعتن جي سرواڻن ۽ مخلص ايماندار ڪارڪنن لاءِ لمحه فڪر به آهي ـ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ائين نه ٿي ته وقت گذري وڃي!  جيڪو ڪن هن جو انتظار نه ڪندو آهي.
سوال نمبر 13 : مٿين (11)  تنظيمن منجهان ڪجھ جماعتون جيڪي وڏي خوش فهمي، غلط فهمي سبب، وڏي جماعت هجڻ جي وهمن، وسوسن ۽ خيالن جي دنيا ۾ پنهنجي مقصدن جي حاصلات ۽ انهن جي تعميرات جوڙڻ ۾ مصروف آهن. انهن ساٿين کي گذارش آهي ته پنهنجي تنظيمي ادارن منجهان هڪ هڪ الڳ الڳ اداري جو عملي، سنجده جائزو وٺندا ته اوهان اسان سان يقينا سهمت ٿيندا ته مور وانگر جيڪو ڏاڍو خوبصورت پکي آهي، پنهنجي ئي پيرن کي ڏسي روئندو آهي ـ توهان جي لاءِ به تنقيدي جائزي وٺڻ کان پوءِ ڪجھ اهڙي ئي صورت حال هوندي. سوال پنهنجي
پنهنجي ضمير، قومي حق ۽ فرض جي ادائگي جو آهي؟
سوال نمبر 14 : گونگي، انڌي ۽ سوچ ۽ فڪر کان وڳاڻي جي به ڪا ڀلا حد هوندي آهي ڇا؟ پر گنجائش جي ضرورت ڪٿي هوندي آهي؟ ظاهر آهي جٿي سچ ڳالهائڻ لاءِ ساٿ نه ڏي، ڪنن جي پردن کي ڪپھ سان بند ڪري ڇڏجي ته سچ ٻڌڻ جي سگھ ئي نه رهندي، اکين کي ٻوٽي چڏڻ ته جئين ظالم، ڏاڍ، جبر ۽ قومي وسيلن تي ڌارين جا ڏينهن ڏٺي ڌاڙا ڏسي ئي نه سگهجن ۽ قومي غيرت جو هجڻ ۽ اجاگر ٿيڻ، قومي سوچ ۽ فڪر جو هجڻ ۽ اجاگر ٿيڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جا اهي سڀ حواص ڪم ڪندا رهندا. خدارا پنهنجي ضمير کان سوال ضرور ڪندا ۽ جيڪڏهن تسلي بخش جواب نه هجي ته پوءِ .......... ؟
سوال نمبر 15 : 40 سالن ۾ چاڪنگ، جهنڊا هڻڻ اخباري ڦوڪون ڏيڻ ۽ ڌرڻو ڪلچر پيدا ڪرڻ کان علاوه ڪو هڪ قدم به آزادي جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌيا آهن؟
سوال نمبر 16 : سائين جي ايم سيد جي سالگراھ ۽ ورسي ملهائڻ ڏکيو ڪم آهي؟ يا آزادي وٺڻ؟ جيڪي 11 سرواڻ پنهنجي رهبر جي سالگراھ ۽ ورسي گڏجي نه ٿا ملهائي سگهن ته ڇا اهي آزادي لاءِ سنجيده آهن؟
سوال نمبر 17 : رهبر جي مرقد (مزار شريف ) کي هنن سانوڻ فقير جي مزار ڪري ڇڏيو آهي. الڳ الڳ پنڊال هڻندا آهن. لائوڊ اسپيڪرن جو منهن هڪٻئي جي پنڊال طرف ڪندا آهن. پوءِ ائين لڳندو آهي ته سانوڻ فقير جي ميلي تي موت جو کوھ ، لڪي ايراني سرڪس ۽ تماشي جو پورو بندوبست ٿيل هوندو آهي ۽ گڏوگڏ سياسي جادوگرن جا چڙ ڏياريندڙ گهسيل پٽيل جملا  آوازجي گونج ۾ بغير ڪنهن سمنجھ جي هلي رهيا هوندا آهن. اهڙي موقعي تي سائين جي ايم سيد، جي روح، سنڌ ڌرتي ماتا جي روح سان گڏوگڏ هڏ ڏوکي ڪارڪنن ۽ محب وطن سنڌ جا روح رنجھ ٿيندا هوندا ته ڇا هي سڀ طورطريقا آزادي جي منزل اَسان ٿا ڪن؟ يا منزل ڏور ٿا ڪن؟
سوال نمبر 18 : ڇا اسان جي هنن قومپرستن گروپن ۽ اڳواڻن جي اختلافي بلندي ۽ تعليمي قابليت جي سطح ايتري آهي؟ جيتري دنيا ۾ ڪنهن به آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن ۾ اختلاف بلندي ۽ تعليمي قابليت هوندي آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اسين ۽ توهين اهيو ڪئين سمجهي ويٺا آهيون ته هي قومپرست گروپ ۽ اڳواڻ سنڌي قوم کي آزادي جي جدوجهد ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪندا ؟
سوال نمبر 19 : چاليھ 40 سالن جي عرصي ۾ ڪهڙي گروپ (پارٽي) سيڪريٽريٽ ٺاهي آهي جنهن ۾ مختلف شعبا باقاعدا ڪم ڪندا هجن؟ باقي مولومسافرخانه آهن جيڪي صرف مولو خان پيا هلائين .... ؟


بنالشڪر خزاني جي ٿيڻ سلطان مشڪل آ

هنن گروپن ۽ اڳواڻن وٽ ڪهڙا لشڪر آهن؟ انهن ڪيتري تياري ڪئي آهي؟ ۽ پارٽي خزاني لاءِ ڪهڙا ٻوٺا ٻاريا آهن؟ سواءِ پنهني پيٽ ڀرڻ جي ؟
سوال نمبر 20 :  ـ
 ٽانگا پارٽيون
ادا هي پراڻو اصطلاخ آهي، هن وقت ڪا پارٽي درست آهي. مٿين گروپن ۾ ڪجھ اهرا به آهن، هڪ ڊرائيور اڳيان ليڊر پويان ٻن سيٽن تي پوري پارٽي. اچي ٺڪا ڪندو پريس ڪلب ۾ شاهي ڪانفرنس ٿي ويندي، ٻئي ڏينهن اخبار ۽ ٽي وي ۾ فوٽو، ٽئين ڏينهن ڀتي، چندي يا قبضي تي شروع ٿي ويندو ـ
آخر هن سنڌي قوم جي اٻوجھ ماڻهن سان ايڏا هاڃا ۽ ويساھ گهاتي ڇو ۽ ڇالاءِ؟

سنڌ ۽ سنڌين کي آڪسيجن جي ضرورت آهي
سنڌ جون قومپرست جماعتون جيڪي سائين جي فڪر جون پوئلڳ اهن پنهنجي ڏاڙهي پٽ ۽ هڪ کان نئون ٽولو ٺاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ آهن سي قومي تحريڪ کي ڪئين جلائيندا. هر قومپرست کي ٻئي قومپرست مان ڌپ ٿي اچي ۽ ٻئي طرف سنڌي ڌرتي دشمن جي سازش تحت ٽڪرا پئي ٿئي ۽ سنڌي قوم تڙپي تڙپي مرڻ کي اچي پهتي آهي ـ
ڪڏهن ته ڪٿي ته پنهنجي ضمير جي آواز تي لب ئڪ چوندي، خوف ۽ هراس، لالچ ۽ لوڀ، جرص ۽ هوس کان پاسو ڪندي، ذاتي انا جي پرواھ نه ڪندي، پنهنجي ذاتي زندگي جيئڻ سان گڏوگڏ، گڏيل قومي زندگي جيئڻ خاطر، قومي ڏاڍ ۽ جبر، ظلم ۽ زيادتي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڦرلٽ جي تدارڪ خاطر حق جو ڪلمو پڙهڻ کي پنهنجي ايمان جو جز سمجهندي، پنهنجي ڌرتي ماتا جي فرض ۽ قرض جي ادائگي خاطر، ۽ قومي تاريخ جي ورقن ۾ ڪجھ ڪر ي وڃڻ جي جذبي جي روشي ۾ اٿو، جاڳو، قومي مقصد کي اُتم سمجهندي، صف بندي جي شروعات ڪندي پوري طاقت سان اظهار ڪري ڏيو ڀل اوهان جي سامهون چنيسر پنهنجو هجي يا علوء دين خلجي ڌاريوهجي  ـ

بس ادا بس
Enough is Enough